بريڪنگ نيوزسنڌ

ميرپورماٿيلو ۾ يونيورسٽي نه هئڻ خلاف گهوٽڪي يونيورسٽي تحريڪ پاران احتجاج

ميرپورماٿيلو (وسيم/ نجم الدين وٽان) “يونيورسٽي ڏيو” ميرپورماٿيلي ۾ ڪالھه گھوٽڪي يونيورسٽي تحريڪ جي شاگردن ۽ نوجوانن احتجاجي ريلي ڪڍي ميرپورماٿيلي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي ظھور ميمڻ، وسيم بوزدار، قيوم ملڪ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گھوٽڪي ضلعو تيل گيس ۽ قدرتي وسائل سان مالا مال آھي، ان کان علاوه ھتي ملٽي نيشنل ڪمپنين توڙي ٻين صنعتي ادارن جو ڳڙھ آھي، ھتان جي صنعتي ادرارن جا ساليانو اربين روپيا سي ايس آر ۽ رائلٽي جا فنڊز ھئڻ باوجود ضلعي ۾ نه ڪا يونيورسٽي نه آھي ۽ نه ئي ڪنھن يونيورسٽي جو ڪو ڪئمپس آهي، جڏھن ته ضلعي جا تعليم ادارا تباھ ڪيا ويا آھن، اسڪول بند پيل آھن، ضلعي جي مڪمل طور ڀينگ ڪئي وئي آھي، ضلعي جي عوام پاران ڪيترن سالن کان يونيورسٽيون ڏيڻ ۽ تعليمي ادارا بھتر ڪرڻ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن. جڏھن تھ مقامي چونڊيل نمائندن جي ڪن تي جونءَ به ڪو نه ٿي چري، جيڪي ڪرپشن ڪري ارب پتي بڻجي ويا آھن، جيڪي عوام جي قسمت بدلائڻ بجاءِ پنھنجا بينڪ بيلنس ٺاھي رھيا آھن ۽ يونيورسٽيون ڏيڻ لاءِ تيار ناھن، ھنن وسوارن کان گھوٽڪي ضلعي ۾ جنرل يونيورسٽي، ميڊيڪل يونيورسٽي، انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ ٻيون يونيورسٽيون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button