بريڪنگ نيوزقومي

اليڪشن کان 3 مهينا اڳ نتيجا وڪرو ٿي چڪا هئا ۽ پيمنٽ به پهچي چڪي هئي، جيڪا کچڙي پچي رهي آهي، ايندڙ حڪومت 8 کان 10 مهينا هلندي: اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا

حيدرآباد/ ڄامشورو/ڪوٽڙي (رپورٽ: جي ايم چانڊيو/ گلاب جوڻيجو/ فاضل چنا/ نور بروھي/ علي مڱريو) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران سنڌ ۾ 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ خلاف قومي شاھراھ ايم نائن موٽر وي تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اعليٰ  حضرت پيرسائين  پاڳارا فرمايو ته 3 مهينا اڳ اليڪشن جي رزلٽ ملي وئي هئي ۽ پيمنٽ به ٿي وئي هئي، فوج اسان جي پنهنجي آهي، ان کان پري رهڻ جو سوچي به نٿا سگهون، فوج وفاق جي علامت آهي، جيڪڏهن اسان جي فوج نه هجي ها ته هتي جي صورتحال فلسطين جهڙي هجي ها، اسان جو احتجاج اليڪشن ۾ ڌاڙو هڻڻ خلاف آهي، چونڊن ثابت ڪيو آهي ته ڪو به قومي سطح جو ليڊر نه آهي، سڀ  پارٽيون صوبائي سطح تي اچي ويون آهن، اليڪشن کان اڳ مون کي دوستن چيو ته جلسو ڪيو وڃن، پر مان جواب ڏنو ۽ گھر ۾ رهيس، ڇو ته هڪ جلسي تي 8 کان 10 ڪروڙ رپيا خرچ ايندو آهي، هاڻ احتجاج اسان جو آئيني حق آهي  ۽ هي احتجاج اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلي خلاف آهي باقي فوج اسان جي آهي سياست کان آئون انهيءَ لاءِ پري آهيان ته جيڪو جيترو سٺو ڪوڙ ڳالهائڻ ڄاڻي  ٿو اهو اوترو ئي سٺو ليڊر ثابت ٿئي ٿو، جيڪي اسان جي ملڪ جو فيصلو ڪندا آهن انهن کي سوچڻ گهرجي ته اسان وٽ ڪو به قومي ليڊر ناهي بچيو اسان جي فوج نه هجي ها ته اسان جي به حالت فلسطين ۽ غزه جهڙي هجي ها، اسان سڪون سان آهيون جو فوج بارڊر ۽ سرحدن کي سنڀالي رهي آهي، انٽرا پارٽي اليڪشن جيئن پي ٽي آءِ ڪرائي،  ائين (ن) ليگ،  پ پ ۽ فنڪشنل ليگ به ڪرائي هئي، پر اليڪشن ڪميشن زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻ  اليڪشن ڪميشن ۾ جيڪا خريد و فروخت ٿي آهي انھي تي اليڪشن ڪميشن ڇو خاموش آهي چون ٿا ته عمران خان چور آهي پر منهنجي نظر ۾ عمران خان چور ناهي، ها عمران خان کان ڪجهه غلطيون ضرور ٿيون آهن ۽ غلطيون انسان کان ٿينديون آهن، جيڪڏهن عمران خان غلطيون نه ڪري ها ته هو فرشتو هجي ها، ڇا عمران خان کان اڳ آيل حڪمرانن توشاخانه مان ڪجهه نه ورتو  ٻين حڪمرانن ته گاڏيون به ورتيون جيڪي قانون ۾ وٺڻ منع آهن، جيڪڏهن عمران خان چور آهي ته  پوءِ  اسان سڀ به چور آهيون، پير سائين پاڳارا وڌيڪ فرمايو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آزاد اميدوار وڏي تعداد ۾ ڪامياب ٿيا آهن ۽ انهن کي ڪامياب ڪرائي، نوجوانن وڏو انقلاب آندو آهي ڪا خبر نه هئي ته ڪنھن جو ڪهڙو نشان آهي انھي هوندي به هي ڪامياب ٿيا آهن، ڪورٽ هڪ ڪيس جي سزا کي ختم ڪيو ته جيلر ڪورٽ ۾ رپورٽ ڏني ته 6 مهينا اڳ ۾  اسان قيدي کي ڦاهي ڏئي ڇڏي آهي، پير سائين پاڳارا وڌيڪ فرمايو ته اسان مختلف پارٽين سان گڏجي ملڪ کي هلائينداسين،  ايندڙ حڪومت 8 کان 10 مهينن کان وڌيڪ نه هلندي. گذريل حڪومت جي 20 مهينن دوران مهانگائي آسمان تي پهتي هئي. جنهن مڊل ڪلاس کي ختم ڪيو، معاشري ۾ مهانگائي سان مڊل طبقو ختم ٿي ويندو آهي، ملڪ ۾ ايمرجنسي يا مارشلا لڳي سگهي ٿي، فوج سڀني پارٽين کي آزمائي ڇڏيو آهي، اسان اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪيو جنهن سبب اڄ ڌانڌلي ڪندڙن کي سڀني جي سامهون وائکو ڪري ڇڏيو آهي، هي نيشنل ۽ انٽرنيشنل سطح تي ظاهر ٿيا آهن هن اليڪشن کي ڪير تسليم ڪندو، اسان جي فوج ۽ ججن جي خدا رهنمائي ڪري ته هو ملڪ جي عوام لاءِ صحيح فيصلا ڪن. ڌرڻي کي فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر  ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ سيد صدر الدين شاهه راشدي خطاب ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ئي ملڪ اندر چونڊون ٿيون هيون، هاڻي به ٿيل ڌانڌلي جو سپريم ڪورٽ کي ئي نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسان ملڪ اندر امن چاهيون ٿا، ملڪ اندر ڪنهن به قسم جي افراتفري بدران شفاف چونڊن جو مطالبو ڪريون ٿا. سيد صدر الدين شاهه راشدي وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ وارا به حڪومت سازي لاءِ پريشان آهن، هاڻي هن ملڪ جي ڀلي لاءِ سوچڻ گهرجي، اليڪشن ڪرائڻ بدران سليڪشن ڪئي وئي، ووٽن بدران نوٽن جو استعمال ڪيو ويو، ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام جي مينڊيٽ جو خيال رکڻ گهرجي، کير جي حفاظت لاءِ ٻلي کي چوڪيدار نه بڻائڻ گهرجي، پرامن طريقي سان احتجاج جاري رکڻو آهي، نيٺ ته هنن کي احساس ٿيندو، اسان کي اميد آهي ته اڳواڻن کي هن ملڪ جي مستقبل لاءِ کين سوچڻو پوندو. سيد صدرالدين شاهه راشدي وڌيڪ چيو ته سنڌڙي سورن ۾ هجي ۽ اسان ستا پيا هجون اهو ممڪن ناهي، حر سنڌ جا وارث آهن، سنڌ کي ٻيهر ڌاڙيلن حوالي ٿيڻ نه ڏنو ويندو. اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته ووٽ رڳو ڪنهن ماڻهو کي چونڊڻ لاءِ  ناهي هوندو، پر پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ هوندو آهي، هاڻي ته عوام جي اميدن تي به راتاهو هنيو ويو آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پئسن عيوض من پسند ماڻهن کي ڪامياب بڻائي محنت ڪندڙ ملڪ جي مستقبل جو مذاق اڏايو پيو وڃي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري عوام کي صحت، تعليم، روزگار ۽ سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، شهيد سورهيه بادشاهه ڌرتي لاءِ ويڙهه ڪئي، هن وقت سندس جوڌا پنهنجي ڌرتي بچائڻ لاءِ روڊن تي نڪتا آهن، ملڪ کي بچائڻ لاءِ هميشه سنڌ جي سياستدانن ۽ ماڻهن جدوجهد ڪئي آهي پر پوءِ به هن ڌرتي سان ظلم ڪيو ويو آهي پر هاڻي سنڌ کي قرباني جو ٻڪرو بڻجڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ٽن صوبن ۾ ميرٽ آهي پر سنڌ ۾ ناهي، سنڌ جي صحافين کي قتل ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، پاڪستان کي ٺاهڻ ۾ سنڌين جو ڪردار رهيو آهي پر ان باوجود مسلسل سنڌين کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، پر هاڻي اسان ماٺ نه ڪنداسين، هاڻي جهيڙو ٿيندو. جي ڊي اي اڳواڻ لياقت جتوئي چيو ته اسان اليڪش ۾ کٽيل آهيون ۽ کٽيل هارايل آهن. هن چيو ته آصف زرداري ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي جنهن کي چوٿون ڀيرو سنڌ ڏني وئي آهي. هن اليڪشن کي رد ڪيون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته اليڪشن ٻيهر ڪرائي وڃي. هاڻ وڌيڪ عياشيون نه هلنديون. اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ ارباب غلام رحيم خطاب ڪندي چيو ته هتي فيئر اليڪشن نه ٿيا آهن. هن چيو ته اليڪشن کي رد ڪريون ٿا ۽ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ٿا ڪريون.  اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پاڪستان ٺاهڻ وارو صوبو آهي، اڄ صوبي ٺاهڻ واري سان ڇا ڪيو پيو وڃي. اڄ سنڌ ۾ اسڪول ناهن.اسپتالون ناهن. هن چيو ته ڪابه اليڪشن شفاف  نه ٿي آهي. هن چيو ته هن اليڪشن کي  رد ڪريون ٿا. 18 هين ترميم جو مزاق بڻايو ويو آهي. سنڌ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته 18 هين ترميم جو چيو وڃي ٿو. اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪندڙن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته اڄ عورتن هارين ۽ غريبن جون نظرون جي ڊي اي ۽ پير سائين پاڳارا ۾ آهن.  اڄ اسان سنڌ بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون. جي ڊي اي اڳواڻ  غلام مرتضيٰ خان جتوئي خطاب ۾ چيو ته ملڪ جي آزادي ۾ حر تحريڪ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته  ڇا اهو ٻڌائڻ چاهيو ٿا ته قرارداد پاس ڪري ملڪ جي ٺاهڻ ۾ ڇا غلطي ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جي ڊي اي سان اڳ به گڏ هئاسين ۽ هاڻ به گڏ بيهنداسين. سنڌ جي عوام هاڻ جاڳي چڪي آهي. ايندڙ ڌرڻو نوشهروفيروز کان شروع ڪنداسين. جي ڊي اڳواڻ سائره بانو خطاب ڪندي چيو ته ايمبولينس ته گذرن پيون پر ڪٿي مريضن بدران جيالا نه هجن. هن چيو ته اسان کي پنهنجي جنگ پاڻ وڙهڻي پوندي. هن چيو ته سانگهڙ ۾ حالتون خراب آهن. جماعت لاءِ ڄڻ الڳ شهر هجي. جتي فرق رکيو وڃي ٿو. هن چيو ته حر جماعت بارڊر جي ٻئي طرف به آهي. ملڪ کي انهن حوالي نه ڪيو وڃي. جيڪي ملڪ کي لٽيندڙ آهن. هن چيو هاڻ ڌرڻو نه رڪجندو. هر ضلعي کان شروع ٿيندو. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم خطاب ڪندي چيو ته ظالمن خلاف سنڌ جاڳي رهيو آهي. سنڌ تي قبضا گيرن جو راڄ آهي. مافيا کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي. هن چيو ته معاشي حب ڪراچي ۾ شهري وڏيرن کي مسلط ڪيو ويو آهي. جن کي سيٽون ڏنيون ويون آهن. هنن بلديا فيڪٽري کي باهه ڏني. هن چيو ته حڪمران ملڪ هلائڻ ۾ ناڪام ويا آهن. آصف زرداري کي سيٽون ڏنيون ويون آهن. اڄ ظالم ۽ مظلوم جي جنگ آهي. جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو ته اسان پير سائين پاڳارا جي قيادت ۾ انگريزن جي حمايتن کي ڀڄائينداسين. هن چيو ته اليڪشن ۾ جمعيت جا ڪارڪن پير سائين پاڳارا سان گڏ هليا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪڏهن به امن نه مليو آهي. ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن کان سنڌ کي آزاد ڪرائڻو آهي. هن چيو ته هاڻ اسيمبلي تائين پهچنداسين. چونڊيل اميدوارن کي حلف کڻڻ نه ڏينداسين. ڌرڻي ۾ جي ڊي اڳواڻ راحيلا گل مگسي,ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڌرڻي ۾ حر فقيرن رضاڪاراڻي طور ڊيوٽي ڏني. پوليس جي طرفان پڻ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. جڏهن ته ڌرڻي واري هنڌ حر جماعت جا فقير هڪ رات اڳ ئي پهچڻ شروع ٿي ويا هئا. ڄامشورو احتجاجي ڌرڻي کي سيد صدرالدين شاھ راشدي، ڊاڪٽر صفدر عباسي، غلام مرتضيٰ جتوئي، لياقت علي جتوئي، اياز لطيف پليجو، جماعت اسلامي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا،  ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، فھميدا مرزا ، سائره بانو، ايس ٽي پي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي، جي يو آءِ اڳواڻ  مولانا راشد محمود سومرو، سيد منير حيدرشاھ، مير مظفر خان بروھي  روشن ٻرڙو سميت ٻين خطاب ڪيو، ڌرڻي جي سيڪيورٽي لاءِ 4 ايس ايس پيز کي مقرر ڪيو ويو، ملڪي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ڌرڻو هئڻ باوجود به پير سائين پاڳارا جي هدايتن تي ڪنهن به ايمبولينس ۽ جنهن گاڏي ۾ عورتون ۽ ٻارڙا ويٺل هئا انهن کي نه روڪيو ويو، حر مجاهدن پاران ايندڙ ايمبولينسن کي ڌرڻي مان ٻاهر ڪڍرائي منزل طرف روانو ڪيو ويو، ڌرڻي سبب ڪنهن کي به ڪو نقصان نه پهتو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button