بريڪنگ نيوزسنڌ

ميرپورخاص کي لوڊشيڊنگ فري زون بڻايو پيو وڃي: حيسڪو چيف

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) حيسڪو جي چيف مظفر علي عباسي چيو آهي ته وزيراعظم ۽ پاور ڊويزن جي حڪمن تي ميرپورخاص کي لوڊشيڊنگ فري زون بڻايو پيو وڃي. 20 آڪٽوبر کان ميرپورخاص ۾ 24 ڪلاڪ بجلي موجود هوندي اهڙو اظهار هن ميرپورخاص ۾ واپارين پاران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ بابت رٿيل آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته حيسڪو جي دائري ۾ 13 ضلعا اچن ٿا پر لوڊشيڊنگ فري زون بڻائڻ جي شروعات ميرپورخاص کان ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ماضيءَ جي سمورين تلخين کي وساري نئين سفر جو آغاز ميرپورخاص کان ڪري رهيا آهيون، ان ڪري ماڻهن کي اپيل ڪجي ٿي ته هو لوڊشيڊنگ فري زون کي ڪامياب بڻائڻ ۾ حيسڪو اداري سان تعاون ڪن، ڇاڪاڻ ته اهو پوري پاڪستان ۾ هڪ بهترين ماڊل شهر بڻجڻ پيو وڃي. هن چيو ته هن وقت 123 ڪي جا 14 فيڊر ميرپورخاص جي 51 هزار واهپيدارن کي بجلي فراهم ڪري رهيا آهن ۽ هن وقت رڪوري 80 سيڪڙو جڏهن ته لائين لاسز 28 سيڪڙو آهن. هن چيو ته ميرپورخاص ۾ ٽرانسفارمرن جو تعداد وڌائي رهيا آهيون ۽ خراب ميٽر حيسڪو پنهنجي خرچ تي درست ڪري رهي آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ اسان جي ڪمپني قرضن ۾ ٻڏل آهي پر ان باوجود عوام جي بهتري وارا ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته 6 مهينا پهرين ريڪوري 60 سيڪڙو هئي، جيڪا هاڻ 80 سيڪڙو تي پهتي آهي عوام پنهنجو تعاون جاري رکيو ته ريڪوري 100 سيڪڙو ٿي سگھي ٿي جنهن سان اداري ۽ عوام کي فائدو ملندو هن ٽرانسفارمر خراب ٿيڻ بعد ميرپورخاص ۾ حيسڪو جو ورڪشاپ نه هجڻ سبب ٽرانسفارمرن جي مرمت ۾ وڌيڪ وقت لڳڻ جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ لاءِ جلد حيسڪو جو ميرپورخاص ۾ ٽرانسفارمرن جي مرمت وارو ورڪشاپ جوڙيو ويندو. سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص رشيد مسعود، اسسٽنٽ ڪمشنرن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت شهرين ۽ واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button