بريڪنگ نيوزقومي

نگران حڪومت شفاف چونڊون وقت سر ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي : مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (بيورو)  نگران وفاقي وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگي سان جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وفاقي وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت آزداڻيون، مصنفاڻيون ۽ شفاف چونڊون وقت سر ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، مرتضيٰ سولنگي وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جي اها ذميواري آهي ته اها سمورن سياسي جماعتن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جيترا موقعا فراهم ڪري. اليڪشن ڪميشن آزاد ۽  خود مختيار ادارو آهي، اسان خوشگوار ۽ پر امن ماحول ۾ چونڊون ڪرائڻ کي ممڪن بنائڻ چاهيون ٿا.  ان موقعي تي  مولانا فضل الرحمان نگران حڪومت کي معاشي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻن تي ساراهيو، مولانافضل نگران حڪومت کي چونڊ عمل ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button