بريڪنگ نيوزقومي

جي ڊي اي اڳواڻ سيد صدر الدين شاهه راشدي سان جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ملاقات

ڪراچي (بيورو رپورٽ) جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر اڳوڻي وفاقي وزير سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو آهي ته ملڪ جي مستقبل کي بھتر نموني ھلائڻ لاءِ سياسي نظام کي اڳتي ھلائڻ چاھيون ٿا، مولانا فضل الرحمان سان بھتر ملاقات ۽ ڳالھه ٻولهھ ٿي آھي  اسان پنھنجيون ۽ مولانا صاحب پنھنجيون تجويزون ڏنيون آھن، ملڪ جي بھتري لاءِ گڏجي ڪجهھ ڪرڻ چاھيون ٿا، مولانا فضل الرحمان چيو ته پير صاحب پاڳارا جن جي خاندان سان پراڻا ناتا آھن بزرگن وٺ حاضري ڏيڻ ضروري ھئي مثبت سوچيو آهي اڳتي به ملاقاتون جاري رھنديون، تحفظات ختم ٿي ويا آهن، آدمشماري جي حوالي سان تحفظات آهن پراڻي آدمشماري تحت شايد چونڊون ٿين، نگران حڪومت جي ذميداري آهي ته ڪيئن ۽ ڪڏھن ٿي چونڊون ڪرائي، حڪومت ٺھڻ کان اڳ سنڌ ۾ اھو چيو ھو ته اگر حڪومت اسان کي ملي ته اسان ڪا معشيت بھتر ڪنداسين ماضي جي حڪومت جا ڪارناما آھن، اسان قوم کان اھا ڳالهھ نه لڪائي ھئي ھاڻي حالتون بھتر ٿي رھيون آھن، آئي ايم ايف اسان جا مطالبا مڃيا آھن، سي پيڪ جي ڪري آئي ايم ايف پاڪستان کان ناراض آھي، بليڪ ميل ڪري رھيا آھن، چين سان معاهدي سبب ناراض آھن، ميان نواز شريف جو پنھنجو ملڪ آھي جڏھن ايندو قوم کيس ڀليڪار ڪندي، اسان ضلعي ۽ صوبائي سطع تي اليڪشن اتحاد ڪنداسين، او آئي سي سطع تي آواز اٿاريون پيا، سوئيڊن خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو اڄ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، عالمي سطع تي دھشتگردي جي نالي تي مذھب جو گراف ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ان کي ناڪام بڻايو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button