بريڪنگ نيوزسنڌ

رائونتي ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ، آبادگارن پاران اي سي اوٻاوڙو جي آفيس اڳيان احتجاج

رائونتي (ن م) رائونتي ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي آبادگارن جي اڳواڻن گل محمد جتوئي فداحسين رند لطف الله رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ايگريڪلچرل آفيسر محتاب حسين پٺاڻ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو شاھ محمد بلوچ جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر اسان کي يوريا ڀاڻ نٿو ملي ۽ ڊيلرن يوريا ڀاڻ مارڪيٽ مان غائب ڪري ڇڏيو آھي جنهن سان اسان جو ڪڻڪ جو فصل تباھ ٿي رھيو آھي جڏھن ته اوٻاوڙو ۾ ٻه مين ڊيلر ذوالفقار ۽ ممتاز ملڪ آھن جنن کي فيڪٽرين طرفان ڀاڻ جي سپلاءِ ٽائم تي ٿي رھي آھي پر ڊيلر يوريا ڀاڻ کي ڳجهن گودامن ۾ رکرائي ڇڏن ٿا جتان ھو رڪشن ذريعي يوريا ڀاڻ  جي ڪوٽ سبزل اسمگلنگ ڪن ٿا ڊيلر اسان رائونتي جي آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن ۽ کاڌ جي 3700 واري ٻوري بليڪ تي پنج ھزار تي وڪرو ڪري رھيا آھن جڏھن ته ڊيلرن سان اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو شاھ محمد بلوچ ۽ ايگريڪلچرل آفيسر محتاب حسين پٺاڻ ٻٽ بڻيل آهن ڇو جو جڏھن کاڌ جي سپلائي ڊيلرن کي ٿئي ٿي ته اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايگريڪلچرل جي آفيسر کي ميسج ذريعي اطلاع ڏنو وڃي ٿو اطلاع ھجڻ باوجود کاڌ ڊيلر يوريا ڀاڻ کي ٻئي ھنڌ منتقل ڪري ڇڏن ٿا ۽ انتظاميه کي خبر ئي نٿي پئي جنهن جو اطلاع انتظاميه کي پهرين ئي ڏنو وڃي ٿو اسان اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ٿا ته يوريا جي ھٿرادو کوٽ جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ڊيلرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ڪري آبادگارن کي سرڪاري رقم تي يوريا ڀاڻ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button