قومي

آءِ ايم ايف پروگرام ختم ٿيڻ ۾ باقي 3 ڏينهن بچيا، وزيراعظم جو آءِ ايم ايف ايم ڊي سان فون تي رابطو

لاهور (اين اين آءِ) وزيراعطم محمد شهباز شريف معاشي صورتحال جي بهتري جا حدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ جو عزم ورجائيندي اميد ظاهر ڪئي ته آئي ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگيايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آئي ايم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم آئي ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا کي اڱاري تي صبح سوير فون تي رابطو ڪيو وزيراعظم ۽ آئي ايم ايف جي مئنجنگ ڊائريڪٽر آئي ايم ايف پروگرام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان پئرس ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جي روشني ۾ ناڻي واري وزير ۽ ان جي ٽيم جي آئي ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششن جو اعتراف ڪيو، وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته آئي ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آئي ايم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. هن وزيراعظم شهباز شريف جي قائداڻي عزم کي ساراهيو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button