اڄوڪي اخبارسنڌ

سينيئر صحافي ڪالم نويس مرحوم شڪيل احمد ڪٻر جي ٻي ورسي ملهائي وئي

خيرپور/سيٺارجا (نمائندن وٽان) پريس ڪلب سيٺارجا جي اڳوڻي صدر سينيئر صحافي ڪالم نويس مرحوم شڪيل احمد ڪٻر جي ٻي ورسي تقريب جو پروگرام مقامي هال ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن کي اڳواڻن خيرپور صحافي اتحاد جي صدر حاجي غلام حسين چانگ، سنڌ صحافي سنگت جو مرڪزي اڳواڻ محمد بچل هنڱورو، ٽائون ڪاميٽي چيئرمين ڪامران عباس ڪٻر، وائيس چيئرمين محمد صادق لُنڊ، جماعت اسلامي صوبا سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو، جونيئر عاشق حسين ڪٻر، در محمد خاصخيلي، پروفيسر لطيف راڄپر، الطاف حسين سهتو، حسين بخش ڪٻر، عاشق حسين، علي گل ڪٻر، حنيف رضا بلوچ، شمائل ڪٻر، غازي عبدالقادر ڪٻر، اڳوڻو ٽائون چيئرمين غلام مصطفيٰ لُنڊ، محمد سليم قريشي، فاروق منڱڻيجو، ذوالفقار انصاري، علي گلاب لُنڊ خطاب ڪندي مرحوم جي زندگي تي روشني وڌي انهن جو چوڻ هو ته اهڙن ڪردارن کي موت به ماري نه سگهندو آھي، مرحوم پنهنجي سموري زندگي مسڪين ماروئڙن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي هميشه پنهنجي قلم کي سماج جي بهتري لاءِ استعمال ڪيو، جنهن جي ڪري سندس اڄ به نالو روشن آھي، ورسي تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا جڏهن ته تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، نواب علي لُنڊ، ممتاز حسين سهتو، امير خاصخيلي، خادم هيسباڻي، پرويز ٻانڀڻ، صوفي ياسين راڄپر، علي گوهر جوڻيجو، ربنواز لُنڊ، غلام عباس نول، آفتاب احمد جاگيراڻي، مسرور سولنگي، الهڏتو گل، علي عبدالله سهتو، طارق حسين راڄپر، فدا حسين بلوچ، وڏيرو نظير احمد سهتو  ۽ ٻين وڏي انگ شرڪت ڪئي..7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button