بريڪنگ نيوزسنڌ

مهانگائي ۽ بدامني وڏا مسئلا آهن، انهن جو حل فنڪشنل ليگ ۽ ان جي هم خيالن وٽ آهي: سيد محمد راشد شاهه راشدي

پيرجوڳوٺ (خلجي وٽان) حرجماعت جي روحاني پيشوا پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۽ جي ڊي اي سربراهه اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جن جي صاحبزادي، مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي نائب صدر ۽ ايم پي اي سيد محمد راشد شاھ راشدي چيو آھي ته موجودہ صورتحال ۾ مھانگائي ۽ بدامني اسان لاءِ وڏا مسئلا آھن جن کي ڪنٽرول ڪرڻ سڀني جي لاءِ ضروري آهي، انھيءَ جو حل مسلم ليگ فنڪشنل ۽ ان جي ھم خيالن وٽ موجود آھي، ھن اھڙين ڳالھين جو اظھار مسلم ليگ فنڪشنل ھائوس پيرجوڳوٺ ۾ پارٽي عھديدارن، ورڪرن، ڪارڪنن ۽ علائقي جي معززين کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، سيد محمد راشد شاھ راشدي وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام ھن وقت مھانگائي جي ڪري مشڪلاتن مان گذري رھيو آھي ۽ ٻئي طرف صوبي ۾ ڌاڙيلن جي لٽ مار آھي، ننڍن ٻارن کي اغوا ڪري ڀنگ طلب ڪيو ٿو وڃي جنھن ڪري والدين سخت پريشان آهن، مھانگائي ۽ ڌاڙيل راڄ آھي، اسان کي انھن حالات تي روئڻ ٿو اچي ته حڪومت انھيءَ ۾ پنھنجو ڪردار ادا نه ٿي ڪري ۽ افسوس آھي ته جيڪي اقتدار ۾ويٺا آھن انھن تي ڪو اثر نه ٿو ٿئي. سيد محمد راشد شاھ راشدي چيو ته 24   جولائي تي خيرپور ضلعي جو تنظيمي ڪم مڪمل ڪري پوري صوبي جو دورو ڪندس ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي تنظيم سازيءَ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪندس ۽ ان کان علاوه مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ يوٿ ونگ کي به پوري صوبي ۾ منظم ۽ مضبوط ڪنداسين، ڪارڪن گھر گھر وڃي مسلم ليگ جو پيغام پھچائن اھا ئي جماعت آھي جنھن پاڪستان ٺاھيو ۽ ان وقت پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ھو، ھن جماعت ۾ قائداعظم ھيو ۽ منھنجو ڏاڏو شاھ مردان شاھ جھڙو دلير سياستدان به ھيو، سنڌ صوبي کانپوءِ ٻين صوبن ۾ به ضرور ويندس، مونکي پوري سنڌ مان خصوصي دعوتون مليون آھن انشاءَ الله ڪراچي کان ڪشمور تائين پنھنجي جماعت کي پنھنجي والد صاحب ۽ پنھنجي ڏاڏي جي نظريي کي ڏسندي ڪم ڪندس، صحافين سوال ڪيو ته بجاءِ خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي جي ٻن حلقن تي منظور وساڻ ۽ نواب وساڻ پنھنجي جماعت پيپلز پارٽي ۾ درخواستون ڏنيون آھن ان حوالي سان توھان ڇا چوندا جواب ۾ ھن چيو ته بلڪل وساڻ فيملي جو حق آھي مگر 15  سالن ۾ عوام جي ڪھڙي خدمت ڪئي وئي آھي اھو سڀ به عوام بخوبي ڄاڻي ٿو اسان سڀ خيرپور جا آھيون اسان جا ھڪ ٻئي سان تعلقات به سٺا آھن اسان کي گھرجي گڏجي ضلعي جي عوام جي خدمت ڪريون، ھڪ سوال جي جواب ھن چيو ته قائم علي شاھ پراڻو مسلم ليگي رھيو آھي ۽ منھنجي ڏاڏي جو دوست به رھيو آھي انھن جا به اسان سان سٺا تعلقات آھن، نفيسه شاھ لکيل پڙھيل عورت آھي، ھڪ سوال جي جواب ۾ سيد محمد راشد شاھ راشد چيو ته درازا سانحي ۾ حرجماعت جا 13 ماڻھو شھيد ٿيا ھئا ان وقت حڪومتي مشينري استعمال ڪري ڪيس داخل نه ڪيو ويو جنھن ۾ انتظاميه، ڊي سي ۽ ايس ايس پي ملوث ھئا جنھن جا اسان وٽ ثبوت موجود آھن اسان ھاڻي عدالت ۾ وينداسين ۽ ڪيس داخل ڪرائي شھيدن جي وارثن کي انصاف ڏيارينداسين، انگريزن حرن کي شھيد ڪيو انھن تي ظلم کيا ان کانپوءِ 1970ع ۾ حرن کي شھيد ڪيو ويو جنھن کانپوءِ پيپلز پارٽي وارن حرجماعت کي حد کان وڌيڪ تڪليفون ڏنيون ۽ اڄ تائين حرجماعت سان ظلم ٿيندو پيو اچي خبر ناھي اسان پيپلز پارٽيءَ جو ڇا بگاڙيو آھي، سيد محمد راشد شاھ راشدي اعلان ڪيو ته پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پوري سنڌ ۾ پنھنجا اميدوار بيھاريندي ان جي لاءِ پوري صوبي ۾ پنھنجا تنظيمي دوري تي ڪم ڪري رھيو آھيان ۽ مونسان نوجوان طبقو گڏ آھي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button