بريڪنگ نيوزقومي

پاڪستان ۽ ايران پاران دهشتگردي خلاف جنگ کي گڏجي انٽيليجنس بنيادن تي منهن ڏيڻ تي اتفاق

اسلام آباد راولپنڊي (بيورو/ م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ايران جي پرڏيهي وزير امير عبداللهيان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻه طرفا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ دهشتگردي سان انٽيليجنس شيئرنگ ذريعي منهن ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ايراني پرڏيهي وزير امير عبداللهيان جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن کي سمجهندي ڌرين ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ هڪ ٻئي جي خدشن کي وڌ کان وڌ سمجهڻ تي زور ڏنو.آرمي چيف رياست جي خود مختياري ۽ علائقائي سلامتي جي احترام تي زور ڏنو ۽ اتفاق ڪيو ويو ته دهشتگردي گڏيل خطرو آهي، جنهن کي گڏيل سهڪار، بهتر رابطي ۽ انٽيليجنس شيئرنگ ذريعي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان امن ۽ محبت جو پيغام کڻي پاڪستان پهچي ويو  پاڪستاني هم منصب جليل عباس جيلاني سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حسين امير عبدالهيان چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي عوام کي هڪ قوم سمجهون ٿا، پاڪستان جي سيڪيورٽي ايران لاءِ اهم آهي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردن ايران کي به وڏو نقصان پهچايو آهي، دهشتگردن کي ٻنهي ڀائر ملڪن جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جو موقعو نه ڏينداسين، دهشتگردي ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل چئلينج آهي، ايران ۽ پاڪستان سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن کي ٽئين ملڪ جي مدد حاصل آهي، دهشتگردي کي گڏيل حڪمت عملي سان شڪست ڏيڻ جي ضرورت آهي  جليل عباس جيلاني جي دعوت تي پاڪستان پهتل ايراني پرڏيهي وزير نگران وزيراعظم ۽ ٻي قيادت سان ملاقاتون به ڪندو، هلندڙ مهيني ايران پاران پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي بعد ٻنهي ملڪن ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي. پاڪستان پاران به ايران اندر دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، ڇنڇر ڏينهن ڏکڻ اوڀر ايران ۾ هٿياربندن 9 پاڪستاني پورهيتن کي قتل ڪيو هو، ايران واقعي جي مذمت ڪندي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button