بريڪنگ نيوزقومي

آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ فچ پاڪستان جي ريٽنگ اپ گريڊ ڪري ٽرپل سي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ/ م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) معاهدي کانپوءِ عالمي ريٽنگ ايجنسي فچ پاڪستان جي ريٽنگ اپ گريڊ ڪري ٽرپل سي ڪري ڇڏي. پاڪستان جي ريٽنگ ۾ بهتري آءِ ايم ايف معاهدي سبب پاڪستان جي فنڊنگ جو رستو کلڻ جي ڪري ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته گلوبل ريٽنگ ايجنسي فچ پاڪستان جي ڊگهي مدي لاءِ فارن ڪرنسي ريٽنگ اپ گريڊ ڪري ڇڏي. هن چيو ته فچ ڊگهي مدي لاءِ ڪرنسي ريٽنگ ايشوز ڊيفالٽ ريٽنگ آءِ ڊي آر کان ٽرپل سي ڪري ڇڏي، تازي معاشي بحالي جي سفر ڏانهن اها هڪ هاڪاري خبر آهي، وزيراعظم، حڪومتي اتحادين، معاشي ٽيم ۽ قوم کي مبارڪ هجي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان وفاقي وزير اسحاق ڊار پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال پارليماني معاملا ۽ ميمبرن جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڳالهائيندي چيو ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام کان سواءِ ممڪن نه آهي الله جو ڪرم آهي جو ملڪ هاڻي بهتري ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن وڌيڪ بهتري آڻينداسين ان موقعي تي هن اسحاق ڊار ۽ ان جي ٽيم کي هڪ ڪامياب بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪ به ڏني. 6

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button