بريڪنگ نيوزقومي

پاڪستان ۽ بلوچستان جو مستقبل ذميوار ۽ محفوظ هٿن ۾ آهي،قوم ۽ مسلم امت کي امام حسين عه جي قرباني مان سبق سکڻ گهرجي:وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي ترقي جي حوالي سان منهنجو نظريو ماڻهن جي زندگين جي معيار کي بلند ڪرڻ سان جڙيو آهي بلوچستان ۽ پاڪستان جو مستقبل محفوظ ۽ ذميوار هٿن ۾ آهي جمعي تي پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن هن وفاقي وزيرن آرمي ۽ نيول چيف گورنر ۽ وڏي وزير بلوچستان ۽ حڪومتي آفيسرن سان گڏ گوادر ۾ اهم ڏينهن گذاريو اسان ترقي، بنيادي سرشتو ۽ تعليمي منصوبن جي هڪ سلسلي جو پيڙهه جو پٿر رکيو آهي جنهن سان علائقي جي قسمت جاڳي پوندي. وزيراعظم چيو ته ڪجهه ڪوششن جي باوجود بلوچستان اسان جي گڏيل غفلت جو نشانو بڻايو آهي هن صوبي ٻين وفاقي ٿنڀن جي برابر ترقي نه ڪئي آهي جيڪو شرم جو سبب آهي وزيراعظم چيو ته ترقي لاءِ ان جو نظريو ماڻهن جي زندگي کي معيار کي بلند ڪرڻ سان جڙيل آهي مانهن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ئي حقيقي ترقي جو ضامن آهي وزيراعظم چيو ته گذريل سال آيل ٻوڏ دوران هن بلوچستان جي سمورن متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ حالتون پاڻ ڏٺيون وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان ڳنڍيل آهي وزيراعظم چيو ته ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب دوران بلوچستان جي نوجوانن سان سندس ملاقات ان جي دور جو هڪ اهم حصو هو،ٻي طرف

وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي قوم ۽ پوري مسلم امت کي جن چئلينجز ۽ آزمائشن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ان ۾ اسان کي امام حسين عه جي قرباني مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي حق تي ڄمي بيهڻ ۽ مقصد حاصل ڪرڻ جي رستي ۾ وڌل رنڊڪن کي صرف ثابت قدمي قرباني ۽ پختي عزم سان ئي هٽائي سگهجي ٿو يوم عاشور جي موقعي تي قوم نالي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته عاشوره محرم جو 10هون ڏينهن سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ تاريخي ۽ روحاني اهميت رکي ٿو هن چيو ته هي اسان جي پاڪ پيغمبر صلعم جي پياري نواسي امام حسين عه جي حق لاءِ عظيم جدوجهد، قرباني ۽ شهادت جو ڏينهن آهي، هن ڏينهن تي امام حسين  عه پنهنجي اهل بيت سان گڏ ڪربلا جي جنگ ۾ ظلم جبر ۽ ناانصافي جي خلاف ڄمي مقابلو ڪيو هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ظلم ۽ جبر جي خلاف اٿي بيهڻ هڪ مسلمان جو اخلاقي فرض آهي ان جو لازوال پيغام اڄ اسان ۾ گهونجي ٿو جيڪو اسان کي پنهنجي زندگي جي سمورن پاسن ۾ انصاف همدردي ۽ استقامت جي اصولن کي برقرار رکڻ جي ترغيب ڏي ٿو هن چيو ته الله تعاليٰ اسان جي قوم ۽ مسلم امت تي رحم ڪري ۽ اسان کي اسلام جي تعليم ۽ امام حسين جي عظيم ميراث تي ٿابت قدم رهڻ جي توفيق ۽ رهنمائي عطا فرمائي،جڏهن ته وزيرعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات پهچي ويو،دوري دوران وزيراعظم يو اي اي جي صدر شيخ محمد سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button