بريڪنگ نيوزسنڌ

ملير ۾ ڦر مزاحمت تي هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ملير (رپورٽ: شهزادو مستوئي) ملير جي شاھ لطيف ٿاڻي جي حد پير سرهندي ڳوٺ ڀرسان ڦر مزاحمت تي رزاق آباد جي رهواسي نوجوان پورهيت نديم شيخ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان جي قتل خلاف سياسي سماجي اڳواڻن جو وارثن گڏ قومي شاهراهه تي ڌرڻو روڊ بلاڪ ايس ايس پي ملير خلاف ڇتي نعريبازي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول جي وارثن شجاع شيخ، ڌڻي بخش شيخ، نبي بخش شيخ ۽ اي جي پي اڳواڻ رشيد سڌايو، ايس يو پي اڳواڻ فيض هيسباڻي، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاھ ۽ ٻين چيو ته ملير ضلعو بدامني جي باهه بڻجي ويو آهي شهري توڙي ڳوٺاڻي علائقن ۾ شهري قتل ۽ زخمي ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي پر پوليس پنهنجي جڳاڙن ۾ رڌل آهي هنن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ملير حسن سردار نيازي ضلعي اندر امن امان جي صورتحال قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي کيس فوري طور تي برطرف ڪري ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي هنن چيو ته 15 ڏينهن ۾ صرف هڪ ٿاڻي جي حد ۾ ڦر مزاحمت تي ٽي نوجوانن جو قتل سنڌ حڪومت توڙي ملير انتظاميا جي منهن تي چماٽ آهي پوليس خود منشيات فروشي ۽ زمينن تي قبضن ۾ ملوث آهي امن ڪير ڪرائيندو ان موقعي تي ڊي ايس پي ملير سٽي ارشاد لغاري جون مظاهرين سان ڳالهيون ٽن ڏينهن ۾ قاتل گرفتار ڪرڻ جي يقين ڌياني تي ڌرڻو ختم ٻئي طرف پوليس پير سرهندي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري قتل جي شڪ ۾ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button