بريڪنگ نيوزسنڌ

قاضي احمد جي رهواسڻ 5 ٻارن جي ماءُ جو مڙس جي ظلمن خلاف سيوهڻ ۾ احتجاج

سيوهڻ (ن م) قاضي احمد جي ڳوٺ نبي بخش کوسو جي رهواسڻ 5 ٻارن جي ماء حميده زال رحيم داد کوسو صحافين اڳيان داهيندي ٻڌايو ته منهنجو مڙس موالي ٿي ويو آھي منهنجي ٻارن ۽ مونکي گهر جو خرچ نٿو ڏئي ٿوري گهڻي ڳالهين  تي مونکي تشدد ڪري ٿو منهنجي پٽ اعجاز مونکي چيو تون گهران نڪري وڃ بابا توکي تشدد پيو ڪندو هڪ رات مان پنهنجي چاچي جي گهر ۾ رهيس  مان پنهنجي پٽ ۽ چاچي ۽ ٻين جي مرضي سان گهران نڪري سيوهڻ ڪورٽ ۾ طلاق لاء ڪيس داخل ڪرايو  آھي 18 تاريخ تي ڪيس جي تاريخ آھي منهنجو مڙس ڪورٽ ۾  اتي اچن منهنجو مڙس پنهنجي مائٽن علي نواز کوسو .چنيسر کوسو دادلو کوسو  مونکي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏين پيا اگر سڀاڻي مونکي  منهنجي ٻچن کي ڪجھ ٿيو ته انهي جو ذميوار اهي رهندا .مان وس وارن کي اپيل ٿي ڪيان ته منهنجي معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button