بريڪنگ نيوزسنڌ

ملڪ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي ان ۾ گڏجي يڪجهتي جي ضرورت آهي :معظم علي عباسي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جي ڊي اي اڳواڻ ۽ لاڙڪاڻي مان چونڊيل اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ لاڙڪاڻو اتحاد جي اڳواڻن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هن وقت ملڪ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي ان ۾ گڏجي يڪجهتي جي ضرورت آهي جنهن ڪري اسان سخت گرمي ۾ 14 آگسٽ جي موقعي تي ريلي ڪڍي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ 15 سال جيڪي گذري ويا ھاڻي اميد آهي ته ملڪ کي ڪنهن سٺي طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پنجاب توڙي ڪي پي ڪي ۾ اڳ ئي بهتري اچي چڪي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي گذريل حڪومت ۾ هر شيءَ ۾ حصيدار رهي آهي ۽ هاڻي وري دانهون به ڪري رهي آهي جن گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ لکي ڏئي آيا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي وارا چون ٿا ته 16 مهينا ۾ سندن جي نه پر ن ليگ جي حڪومت هئي، هن وقت مهانگائي ايتري وڌي وئي آهي جو ماڻهو اٽي لپ لاءِ پريشان آهن. هن چيو نگران وزيراعظم جي چونڊ بهتر ٿي آهي ان مان اميد آهن پر جن ملڪ کي تباهه ڪيو آهي ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته فيڊريشن جي ايڪي ٻڌي جي علامت فوج آهي جڏهن ته سياستدانن وٽ هر طاقت رهي آهي پر انهن ڊليور نه ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي مان چڱائي جي ڪائي اميد ناهي جن تازو 70 سيڪڙو نوڪريون پئسن عيوض وڪرو ڪري ڇڏيون. هن چيو ته اسان هن وقت جي ڊي اي ۾ آهيون ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد برقرار آهي دوستن جي مرضي آهي ته هو عام چونڊن ۾ ڪهڙي چونڊ نشان تان چونڊ وڙهن ٿا، اسان وٽ لاڙڪاڻي جي 6 ئي تڪن تي چونڊ وڙهڻ لاءِ اميدوار آهن ۽ اسان اڳ کان وڌيڪ سرپرائيز ڏينداسين پر هن وقت چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ٻه ماڻهو اسان جي اتحاد ۾ شامل هئا جيڪي هاڻي پي ٽي آءِ ڇڏي چڪا آهن باقي ٻيا پي ٽي آءِ اڳواڻ اسان جي اتحاد ۾ ناهن. هن چيو ته مخالف ڌر کي اسيمبلي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها پر انهن اهو ڪردار ادا نه ڪيو. هن چيو ته فردن جي ڳالهه ناهي پر ملڪ کي هلائڻ جي ڳالهه آهي، چونڊن ۾ برابري ٿيڻ گهرجي پر چونڊن کان اڳ احتساب ٿيڻ گهرجي پوءِ چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته سکر جي صحافي جان محمد جي واقعي تي ڏک پهتو آهي جيڪو دهشگردي جو واقعو آهي ان کان اڳ اجمل ساوند ۽ سندراڻي وڪيل کي به قتل ڪري قبيلائي تڪرار ڄاڻايو ويو، جان محمد مھر جي واقعي ۾ به پوليس موقف اختيار ڪيو آهي ته ذاتي جهيڙو آهي جنهن واقعي جي جاچ ڪري دهشتگردن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هن چيو ايم ڪيو ايم وارا جي ڊي اي سان سنڌ ۾ نگران حڪومت جي حوالي سان مشاورت ڪري رهي آهي، جي ڊي اي ايم ڪيو ايم پاڪستان آڏو چٽو موقف اختيار ڪيو ته هو نئين صوبي جي گهر نه ڪندا ۽ ان شرط تي ايگريمينٽ ٿي آهي. هن چيو ته نگران وڏي وزير جي لاءِ اسان اپوزيشن ليڊر کي نالا ڏئي چڪا آهيون جيڪڏهن نالو فائنل نه ٿو ٿئي ته پوءِ پارلياماني ڪاميٽي وڏي وزير جو فيصلو ڪندي جيڪڏهن اتي به فيصلو نه ٿيو سنڌ جي نگران وڏي وزير جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي. هن چيو ته مان ادارن کان به اپيل ڪندس ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائي ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. الله بخش انڙ چيو ته اسان لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي پليٽ فارم تان صلاح مشوري سان چونڊ وڙهنداسين. ان موقعي تي لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جا اڳواڻ همايون خان مغيري، ديده دل غفاري، علي حسن ڏاهاڻي، تشڪيل حيدر جتوئي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ان کان اڳ معظم علي عباسي جي اڳواڻيءَ ۾ 14 آگسٽ جي مناسبت سان وليد محلا ڪوٽ داراب عباسي کان ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ جي ڊي اي، لاڙڪاڻو عوامي اتحاد سميت ٻين پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪندي جناح باغ چوڪ ۽ پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هنن هٿن ۾ قومي جهنڊا، بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا پڻ هنيا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button