بريڪنگ نيوزقومي

سعودي ولي عهد جو پاڪستان جو دورو جلد ٿيڻ جو امڪان،تاريخ جي تصديق نه ٿي آهي:پرڏيهي وزير

اسلام آباد (بيورو ) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جلد ئي پاڪستان جو دورو ڪندو. هڪ انٽرويو ۾ نگران پرڏيهي وزير سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان انڪشاف ڪندي چيو ته ان جي آمد جي تاريخن جي اڃا تائين تصديق نه ٿي سگهي آهي. انٽرويو دوران هن چيو ته هي دورو پاڪستان لاءِ معاشي ترقي جي حوالي سان اهم آهي. هن دوري دوران ڪيتريون ئي ڊيلز فائنل ٿيڻ جي اميد آهي. اسان جو گهڻو ڌيان زراعت، کاڻيون کوٽڻ، توانائي ۽ آئي ٽي جي شعبن ۾ معاهدن تي آهي ڇو ته اسان هاڻي شرح واڌ وڌائڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون سعودي ولي عهد جي ان امڪاني دوري کي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ گيم چينجر قرار ڏيندي نگران پرڏيهي وزير سعودي عرب سان گذريل ڪيترن ئي مهينن دوران پاڪتان کي ملندڙ امداد بابت مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي. جليل عباس جيلاني چيو ته سعودي عرب هميشه پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قيام کان پوءِ هن تعاون ۾ وڌيڪ تيزي آئي آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button