بريڪنگ نيوزسنڌ

سانگهڙ ۾شاگردن ۽ ڳوٺاڻن جو استاد جي بدلي خلاف احتجاج

سانگهڙ (ت ر)تعلقه سنجهوري جي قديمي ڳوٺ ڇٽل ٽالپر جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ استاد جي بدلي خلاف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاج، ڳوٺاڻن مير جمشيد ٽالپر مير حاجي خان ٽالپر ڊاڪٽر سگرام ميگھواڙ ۽ شاگردن احتجاج دوران چيو ته سياسي بنيادن تي اسانجي اسڪول جو استاد هر اٺين ڏينهن بدلي ڪيو وڃي ٿو جنهن سان مستقبل جي معمار جي تعليم تباھه ٿي رهي آهي، هنن چيو ته هڪ مهيني ۾ هڪ استاد جو تي ڀيرا بدلي ٿي آهي تعليم کاتو ۽ سياسي ڀوتار تعليم دشمن آهن استاد جي بدلي واري عمل سبب ڪافي شاگرد تعليم ڇڏي ويا آهن، هن چيو سيڪريٽري تعليم اسڪول ۾ استاد مقرري جو آرڊر جاري ڪيو اهو به نه هليو، هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته ٻن ڏينهن اندر استاد اسڪول ۾ مقرر نه ڪيو ويو ته ڊائريڪٽر تعليم جي آفيس آڏو شاگردن سميت ڌرڻو هڻداسين.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button