بريڪنگ نيوزسنڌ

خانپور مهر واسي روزگار سانگي سعودي ويل نوجوان سان مبينه فراڊ جو انڪشاف

خانپورمهر(ن م) خانپورمهر واسي روزگار سانگي سعودي ويل نوجوان راشد علي ميراڻي سان مبينا طور فراڊ جو انڪشاف ٿيو آهي، خانپورمهر جي ميراڻي محلي جي رهواسي نوجوان جي والد ايمان علي ميراڻي پٽ سجاد علي ميراڻي سان گڏ ميڊيا سينٽر پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته سعودي عرب ۾ رهندڙ خانپورمهر واسي عنايت ميراڻي اسان کان 14 لک رپيا وٺي پٽ کي سعودي ۾ گهرائي اتان هٿ ڪڍي ويو آهي، منهنجو پٽ هڪ سال کان سعودي عرب ۾ ڌڪا کائڻ تي مجبور آهي،ايجنٽ کيس هن مهل تائين ويزا توڙي روزگار ناهي وٺي ڏنو، ايمان ميراڻي چيو ته منهنجي پٽ کي سعودي ۾ روزگار وٺي ڏيڻ بهاني عنايت ميراڻي اسان کان 14 لک رپيا ورتا جيڪي اسين وياج تي وٺي پٽ کي سعودي عرب اماڻيو پٽ جڏهن سعودي پهتو تہ هن کي ڪو به روزگار نه ڏنو ويو ۽ نہ ئي هاڻ وري هن جي ڪو رهنمائي ڪرڻ وارو آهي، ايمان علي ميراڻي چيو ته اسين گهر جو الھ تلھ وڪڻي وياج تي پئسا وٺي عنايت ميراڻي جي ڀائرن وزير ميراڻي ۽ بشير ميراڻي کي شاهدن سامهون پيسا ڏنا آهن،اسان جي مدد ڪئي وڃي منهنجي پٽ سان فراڊ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي،هوڏانهن سعودي ويل نوجوان راشد ميراڻي به سعودي مان وڊيو بيان وسيلي چيو آهي ته هڪ سال اڳ عنايت ميراڻي سعودي ۾ ڪمپني ۾ روزگار ڏيارڻ لاءِ ويزا وٺي ڏيڻ بهاني مونکان 14 لک رپيا ورتا، جڏهن اتي پهتس ته ڪجهه به نه هيو رڳو ٽن مهينن جي وزٽ ويزا ڏئي فراڊ ڪيو ويو آهي، نوجوان راشد ميراڻي جو چوڻ هو ته هڪ سال کان سعودي ۾ دربدر آهيان ڪجهه پيسا کڻي ويو هيس اهي به ختم ٿي ويا آهن،عنايت ميراڻي سعودي گهرائي هٿ ڪڍي ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي..

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button