بريڪنگ نيوزسنڌ

حرجماعت جي معزز شخصيت مرحوم وڪيل انور محمود نظاماڻي جي وفات تي تعزيت جو سلسلو جاري

سانگھڙ (ت ر) سانگھڙ ضلعي جي اھم سياسي سماجي شخصيت انور محمود نظاماڻي جي وفات بعد وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، روزاني مهراڻ اخبار جي چيف ايڊيٽر فقير منٺار منڱريو سانگهڙ پهچي وارثن پٽ ذوالفقار نظاماڻي سان تعزيت ڪئي، انهي موقعي تي روزاني مهراڻ جي چيف ايڊيٽر فقير منٺار منڱريو روزاني مهراڻ جي عيوضي سان ڳالهائيندي چيو ته مرحوم انور محمود ڄام صادق علي جي وڏ وزارت جي دوران صوبائي مشير رھيو، مرحوم انور محمود سيد شاھ مردان شاھ جي لاھور جي ڏينھن جي قيام جي دوران حاضري ۾ رھيو، مرحوم انور محمود نظاماڻي جي مشھور ڪميونسٽ اڳواڻ ڄام ساقي سميت ڪيترن ئي قومپرست اڳواڻن سان ويجھا تعلقات رھيا، مرحوم انور محمود نظاماڻي سانگھڙ ۾ مذھبي رواداري جو وڏو علمبردار ھو، بابري مسجد جي شھادت کانپوءِ سانگھڙ ۾ ھندو برادري جي حفاظت لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو ، مرحوم انور محمود نظاماڻي جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور ۾ چيف جسٽس چوڌري افتخار کي معطل ڪرڻ واري رد عمل ۾ وڪيلن جي تحريڪ جو مرڪزي ڪردار رھيو ھو، سانگھڙ سٽيزن ايڪشن ڪميٽي جو باني صدر ھو، سانگھڙ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي رائلٽي جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ وڙھي سانگھڙ جي ترقي لاءِ جدوجھد ڪئي، تعزيت ڪندڙن ۾ حاجي صاحب خان مڱريو ۽ فقير رسول بخش مڱريو پڻ شامل آهن.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button