بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي 10 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو،کين کاتا به الاٽ ڪيا ويا

ڪراچي (بيورو رپورٽ)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس ر مقبول باقر جي تجويز تي سنڌ جي گورنر محمد ڪامران ٽيسوري ڏھ رڪني نگران ڪابينا کان حلف کڻايو،حلف کڻندڙن م  ايشور لعل،برگيڊئير ر حارث نواز،محمد يونس ڊاڳا،مبين جماڻي،ڊاڪٽر سعد خالد نياز،ڊاڪٽر جنيد شاھ،مسز رعنا حسين،ارشد ولي محمد،عمر سومرو ء خدابخش مري شامل آهن ،گورنر ھاوس م ٿيل سادي ء پروقار تقريب م نگران وڏو وزير جسٽس ر مقبول باقر پڻ موجود ھو،تقريب م چيف سيڪريٽري سھيل راجپوت ،وقتي آءِ جي پوليس يعقوب منھاس چئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي،صوبائي سيڪريٽرين،اڳوڻو صوبائي وزير تيمور ٽالپر،ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ،خواجه اظھار ۽ ٻيا موجود هئا،سنڌ جي نگران ڪابينا م شامل وزيرن جي قلمدان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ،جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب برگيڊيئر ر حارث نواز  گھرو کاتو ۽ جيل کاتي جو وزير ھوندو،محمد يونس ڊاڳا کي ناڻو کاتو،روينيو ۽ پلاننگ ڊولپمينٽ جا کاتا ڏنا ويا آهن ،مبين احمد جماڻي مڪاني کاتو،ھاوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ جو نگران وزير ھوندو،ڊاڪٽر سعد خالد نياز صحت ،سوشل ويلفيئر،پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتن جو وزير ھوندو،ڊاڪٽر جنيد شاھه نوجوانن واري وزارت ،اسپورٽس،ڪلچر، ايچ آر ڊولپمينٽ جو وزير مقرر،مسز رعنا حسين تعليم کاتو ۽ عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي وزير ھوندي،ايشور لعل ايريگيشن ،ارشد ولي محمد ٽورازم ،ماحوليات جو وزير مقرر،عمر سومرو قانون ،مذھبي معاملن ۽انساني حقن واري کاتي جو وزير ھوندو،جڏھن ته خدابخش مري کي مائنز اينڊ منرلز کاتو ڏنو ويو آهي

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button