بريڪنگ نيوزسنڌ

پ پ پ هميشه  ٿرپارڪر ۾ دانڌلي ذريعي اليڪشن کٽي  آهي: زاهد نون

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير)پ پ پ  مان عوام تنگ ٿي چڪو آهي پ پ پ هميشه  ٿرپارڪر ۾ دانڌلي ذريعي اليڪشن کٽي  آهي اسان کي اۡميد آهي ايندڙ اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيندي انتظاميه ونگار نه وهندي. اهڙن خيالن جو اظهار جي ڊي اي ارباب گروپ جي اڳواڻ حاجي زاھد نون  فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ قربان وڪيو ۽ ٻين سان گڏ اسلام ڪوٽ ۾  پريس ڪانفرنس دوران  ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو،هن  چيو ته هن وقت تائين ته ضلعي انتظاميه توڙي مقامي انتظاميه نيوٽرل نظر اچي پئي اسان کي ڪا به شڪايت نه آهي  پر ايندڙ 20 ڏينهن انتهائي اهم آهن ڇاڪاڻ جو پ پ پ اڳواڻ ڪنهن آفيسر تي پريشر ڪنهن کي ترقي جا خواب ڏيکاري ونگار وٺندا آهن انهي لاءِ اسان ايس ايس پي ٿر ۽ ڊي سي  ٿرپارڪر کي گذارش ٿا ڪريون ته هۡو انهن معاملن تي نظر رکن خاص ڪري پوليس جا معاملا سامهون ايندا آهن جيڪي اليڪشن عملي لاءِ گهربل گاڏيون هٿ ڪرڻ لاءِ صرف اسان جي حمايتن جون پڪڙيون وينديون آهن، هن چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ ٿرپارڪر جي عوام ته اسان کي ووٽ ڪيو پر اهو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. هن دفعي ائين ڪرڻ نه ڏبو عوام به هاڻي سجاڳ ٿي چڪو آهي هو سمجهي ٿو ته ارباب رحيم جيڪي ٽن سالن ۾ ڪم ڪيا پ پ پ اهي 15 سالن ۾ نه ڪري سگهي آهي پ پ پ صرف ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن آر او پلانٽ جي نالن تي  اربين روپين جي ميگا ڪرپشن ڪئي ويئي، پر هڪ به آر او نه پيو هلي ساڳي طرح ٽائون ڪاميٽين جون بجيٽون به چونڊيل نمائيندن جي ذاتي ڪمن تي خرچ ڪيون ويون جيڪي اڄ ظاهر ٿي چڪيون آهن،ٿر ۾ اڄ به ماڻهو صحت تعليم ۽ پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آهن ڪرپشن ڪري ٺاهيل روڊ کنڊر بڻجي ويا آهن،هن چيو ته مخالف اليڪشن ۾َهارائڻ جي خوف کان  مختلف حربا استعمال ڪندا آهن، هنن هڪ منظم سازش تحت 2013 جي اليڪشن ۾ ھڪ ارباب غلام رحيم جي حوالي سان ڪوڙو  پيپر چٺي عوام ۾ ورهائي  ٿرپارڪر ۾ ھندو مسلم تضاد کي ھٿي ڏيئي اليڪشن کٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، بدامني پکيڙي وئي،جنهن جي اسان ان وقت به وضاحت ڪئي ۽ اسين اڄ به ٿر ۾ ھندو برداري سان گڏ بيٺل آھيون.مخالف وري به اھڙيون حرڪتون ڪندا عوام باخبر رھي.هن چيو ته  پيپلزپارٽي ٿر ۾ اڪثريت رکندڙ ذاتين کي ھميشه نظرانداز ڪيو، انھن جي جڳھه تي پئسي وارن ماڻهن کي ترجيح ڏني آهي سنڌ ۾ اسان جي اليڪشني ويڙھ پيپلزپارٽي سان آھي، پي ٽي آئي جا اسين ماضي ۾  اتحادي رھيا آھيون،پي ٽي آءِ به پ پ پ مخالف آهي اسان ڪوشش ڪنداسين ته پي ٽي آء جي  لجپت سوراڻي سان ڳالهيون ڪري کيس گڏ ڪيون اسان جو مقصد هڪ ئي آهي ته پ پ پ جي قبضاگيري ختم ڪريون اليڪشن فري اينڊ فيئر ٿي ته ٿر جي سمورين سيٽن تي پ پ پ کي شڪست نصيب ٿيندي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button