بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ عوامي فورم جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج

حيدرآباد (چيف رپورٽر) سنڌ عوامي فورم پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسر جي مقرري ۾ ڪرپشن ڪرڻ خلاف ڪالھ پريس ڪلب حيدرآباد آڏو ڊاڪٽر حسن لغاري، حبيب جتوئي ،امرشي ٺاڪر ،ايڊوڪيٽ اسلم لغاري ، ايڊوڪيٽ ذوالفقار ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو جنھن دوران ھنن ڪميشن انتظاميا خلاف نعري بازي ڪئي ان موقعي تي ھنن چيو ته ڪميشن جي امتحان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ھميشه ميرٽ جي لتاڙ ڪئي آھي ۽ ڪميشن جي سيٽ ھڪ ڪروڙن ۾ وڪرو ڪري غريب ھوشيار شاگردن جي ميرٽ جو قتل عام ڪن ٿا جنھن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ٿي رهيا آھن پر انھن جو ڪو به نوٽيس نٿو ورتو وڃي ھنن مطالبو ڪيو ته تازو ميونسپل آفيسرن جي ورتل ٽيسٽ ۾ ڪميشن ڪرپشن ڪري ميرٽ جي لتاڙ ڪئي آھي جنھن جو نوٽيس وٺي ڪميشن جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button