بريڪنگ نيوزسنڌ

شهيد بينظير يونيورسٽي سانگهڙ ڪئمپس ۾ منشيات جي روڪٿام ۽ ايڊز بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ سيمينار

سانگهڙ (اقرار شر) سانگهڙ. برج ڪنسلٽنٽ فائونڊيشن سانگهڙ پاران شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ڪيمپس سانگهڙ ۾ منشيات جي روڪٿام ۽ ايڇ آءِ وي ايڊز بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو.  سيمينار کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ نہد حسين ميراڻي نوجوان شاگردن کي مخاطب ڪندي چيو ته نوجوان ئي اسان جي سماج جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ان ڪري سڀ کان پهرين اسان کي منشيات کان پاسو ڪرڻو پوندو.  سيمينار کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر ڪيمپس منصور احمد کهڙو چيو ته سماج جي هر فرد کي گهرجي ته هو سماج کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي آس پاس جي ماڻهن سان مضبوط سماجي لاڳاپا قائم ڪن ته جيئن معاشرو بي راھ روي جو شڪار نه ٿئي. سيمينار کي عبدالصمد ڏاهري آفيس ريسرچ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن، ڊاڪٽر اڪبر علي ڪنڀر، علي شير ڏاهري ۽ ڊاڪٽر ديدار پڻ خطاب ڪيو ۽ ايڇ آءِ وي/ايڊز ۽ منشيات جي روڪٿام تي زور ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان جي آس پاس اهڙا ماڻهو آهن ته اسان فوري طور تي نشي جي روڪٿام واري اداري سان رابطو ڪري  انھن کي اتي وٺي وڃو ڇاڪاڻ ته اهي قابل علاج آھي. ڊاڪٽر علي شير ڏاهري تفصيل ڏيندي چيو ته ھن وقت برج ڪنسلٽنٽ فائونڊيشن اٽڪل 30  ايڇ آءِ وي/ايڊز ۽ منشيات واپرائڻ ۾ مبتلا ماڻهن جو علاج ڪرائي رهي آهي جن ۾ ھڪ عورت  ۽ ٻارھن سالن جو ٻار پڻ شامل آهي انشا الله اهي جلد صحتياب ٿي سماج جا ڪارآمد فرد بڻجي ويندا.

 

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button