بريڪنگ نيوزسنڌ

ڄام نفيس علي خان پاران ٻيراڻي ۾ مغل ڀائرن سان والد جي وفات تي تعزيت

ڄام نواز علي (ن م) جي ڊي اي جي صوبائي اڳواڻ ڄام نفيس علي خان ٻيراڻي ۾ رحمت مغل ،راشد مغل جي والد جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ مرحوم اسلم راجپوت جي پٽ عدنان راجپوت جي وفات تي ان جي پوئينرن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي جي ڊي اي جي صوبائي اڳواڻ ڄام نفيس علي خان چيو ته غريب مسڪين عوام مھنگائي سبب سخت پريشان آهي حڪومت کي گھرجي ته مھنگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ عوام کي رليف پيڪيج ڏين ھن چيو ته عام اليڪشن کان پھريان جن ملڪ کي لٽيو ۽ ڪرپشن ڪيو انھن جو سخت احتساب ٿيڻ کپي ھن چيو ته سنڌ ۾ تعليم صحت ۽ بلدياتي ادارن تباهي لڳي پئي آھي انھن ادارن جي سڌاري لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ھن چيو امن امان کي يقيني بڻايو وڃي ته جئين عوام جي جان مال جي تحفظ ٿي سگھي ھن چيو ته شھرن ۾ صفائي سٿرائي ناھي ھر طرف گندگي پکڙيل آهي ھن چيو ته شھرن ۾ سرعام منشيات ھلڻ سبب نوجوان نسل تباهيءَ طرف وڃي رھيو آھي ھن چيو ته منشيات فروشن ۽ انھن جي سرپرستي ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ان موقعي تي ساڻس گڏ سابقہ ڪانونسلر رانا عبدالستار راجپوت ،امين بلوچ ،حڪم.الدين مغل ھئا

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button