بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪراچي ۾ جي ڊي اي جي فلسطينين سان اظهار يڪجهتي لاءِ ريلي

ڪراچي(بيورو رپورٽ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پاران فلسطين جي مظلومن جي حق ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. ريلي ۾ ڪراچي جي 7 ئي ضلعن مان ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بلوچ ڪالوني پل جي ھيٺان جمعي جي نماز مولانا منظر الحق ٿانوي جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي. ريلي م شريڪ ھزارين ڪارڪنن ھٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ کڻي فلسطين زنده باد، اسرائيل مرده جا زوردار نعرا هڻندي فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم، فنڪشنل ليگ ڪراچي زون رابطه ڪميٽي جي ڪنوينئير بئريسٽر ارشد شر بلوچ، جمشيد خان، نعيم سجاد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نرسري تي ٿيندڙ مرڪزي جلسي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي سردار عبدالرحيم چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين جي ڊي اي ۽ فنڪشنل ليگ جا ڪارڪن فلسطيني عوام سان يڪجهتي ۽ اسرائيلي ظلم خلاف سراپا احتجاج آھن. اسرائيل فلسطين جي ٻچي ٻچي کي مارڻ چاھي ٿو. 57 مسلمان ملڪن ھوندي به فلسطيني ماريا ٿا وڃن. ھن چيو ته ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته پاڪستان حڪومت تي زور ڏنو وڃي ته اسان ايٽمي قوت آھيون اسان کي کليل نموني فلسطين جي آزادي لاءِ جدوجھد ڪرڻي پوندي. او آءِ سي ۽ اقوام متحده ڪڏھن به فلسطين جي حق ۾ آواز نه اٿاريندا. جي ڊي اي اڳواڻ ناھيد خان چيو ته فلسطيني عوام سان ٿيندڙ زيادتيون برداشت جوڳيون ناھن. سمورين سياسي مذھبي پارٽين کي مظلوم فلسطينين لاءِ آواز اٿارڻ گھرجي. فلسطينين جي جدوجھد تي کين سلام پيش ڪريان ٿي. مان پاڪستان جي حڪمرانن ۽ پاڪ فوج جي سربراھ کي اپيل ڪيان ٿي ته فلسطين جي آزادي ۽ اسرائيلي بربادي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button