بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ “اسان جو لطيف” جي سري هيٺ پروگرام منعقد

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) 7 آڪٽوبر تي پبلڪ اسڪول حيدرآباد پاران “اسان جو لطيف” جي سري هيٺ پروگرام، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي گرائونڊ تي ٿي گذريو، پروگرام جو خاص مهمان تعليم ۽ ثقافت کاتي جو نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي هو. پروگرام کي خطاب ڪندي هن چيو ته شاهه لطيف جو پيغام امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي،  نوجوانن کي تعليم ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، تعليم ئي اسان جو بهتر مستقبل آهي. هن وڌيڪ چيو ته پبلڪ اسڪول جو تعليم جي حوالي سان بهتر معيار آهي، هتان جا استاد ۽ شاگرد نهايت محنتي نظر آيا، انتطامي حوالي سان پرنسپال سميت سموري اسٽاف جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. پبلڪ اسڪول ۾ اسان جو لطيف ڊي جا سمورا پروگرام ساراهه جوڳا آهن. هن وڌيڪ چيو ته لطيف جي سر مومل راڻو تي آڌاريل ٽيبلو پڻ اثر انداز هو، اهڙيون صحتمند سرگرميون ذهني نشونما لاءِ بهتر آهن. پروگرام کي خطاب ڪندي پبلڪ اسڪول جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر ناصر الدين شيخ چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ جو سرموڙ ۽ مهندار شاعر آهي، جنهن کان بنا سنڌي ادب جي تاريخ نامڪمل آهي، هن پروگرام جو مقصد اڄ جي شاگرد کي شاهه لطيف بابت آگاهه ڪرڻ ۽ لطيف ڏي متوجهه ڪرڻ آهي. پروگرام ۾ شاگردن جو تقريري مقابلو، سوالن جوابن جو مقابلو، شاهه لطيف جي مختلف ڪلامن تي ٽيبلو پڻ پيش ڪيا ويا. تقريب ۾ نامور اديب نصير مرزا، عزيز گوپانگ، شعبان وسطڙو، شوڪت چاچڙ، ساجد چانڊيو،مس شگفتا شاھ، غلام محمد قريشي،موهن مدهوش، روشن سندر چانڊيو، واحد ڪانڌڙو، آفتاب ڀٽو، سراج الدين ابڙو،دريا خان پيرزادو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. 💖💚.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button