بريڪنگ نيوزقومي

آرمي چيف جنرل عاصم منير سان قطر جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف جي ملاقات

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان قطر جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنلر (پائلٽ) سالم حمد عقيل النبيط جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر جي مطابق ملاقات ۾ گڏيل ۽ پيشوراڻين دلچسپي جي معاملن ۽ علائقي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان قطر سان گڏ پنهنجي ڀائرائن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪ فوج به قطر جي هيٿاربند فوج سان گڏ دفاعي۽ سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ جي خواهشمند آهي. قطر جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل (پائلٽ) سالم حمد عقيل النبيط خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪ فوج جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر جي مطابق هٿياربند فوج جي سربراهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن جي لاءِ ڪم جاري رکڻ جو عهدو ڪيو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button