بريڪنگ نيوزسنڌ

ٺاروشاهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج

ٺاروشاھه (ن م) رورل ھيلٿ سينٽر ٺاروشاهھ ۾ آيل مريضن کي سھولتون نه ملڻ خلاف شھري سماجي اڳواڻن جو حبيب الرحمن راجپوت، محسن قريشي، اعجاز علي مغل جي اڳواڻي ۾ ايم ايس ڊاڪٽر تميز دين ميمڻ ۽ اسپتال انتظاميا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو جتي ھنن چيو ته ايم ايس ڊاڪٽر تميز دين ميمڻ ھڪ ھفتي کان بنا موڪل جي ڊيوٽي تان غير حاضر آھي ڪيترائي ڀيرا اسپتال ويا آھيون مگر ايم ايس ڊيوٽي تي نه ھوندو آھي اسپتال عملو چئي ٿو ته ايم ايس  موڪل تي آھي جڏھن ته ڊي ايچ او طرفان ايم ايس جي موڪل جو اھڙو ڪو به ليٽر جاري نه ٿيو آھي پنهنجي مرضي سان ايم ايس موڪل ڪري اسپتال کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي اسپتال ۾ آيل مريضن لاءِ ڊاڪٽر ۽ ٻيون سھولتون موجود ناھين ايم ايس جي نااھلي جي ڪري مريض رلي ويا آھن اسپتال انتظاميا جي من مانين مريضن کي پريشاني ۾ وجھي ڇڏيو آھي ھنن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي ڀيرا ايم ايس ۽ اسپتال انتظاميا لاءِ احتجاج ڪيا آھن مٿي شڪايتون پڻ ڪيون آھن  ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي ايئن ٿو لڳي ته ھيٺيان کان مٿي تائين صحت کاتي جا اعليٰ عملدار پڻ ملوث آھن جو ايم ايس ۽ اسپتال انتظاميا خلاف ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناھي ھنن صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن  ڊي ايچ او  جي اھڙي رويي جي مذمت ڪندي نگران وزير اعليٰ سنڌ ۽ سيڪريٽري صحت سنڌ سان مطالبو ڪيو ته ايم ايس ۽ اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري آيل مريضن کي سھولتون ڏنيون وڃن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button