بريڪنگ نيوزقومي

مون کي نه هٽايو وڃي ها ته اڄ پاڪستان مضبوط ملڪ هجي ها: نواز شريف

سيالڪوٽ (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف چيو آهي ته آئي ڏينهن وزيراعظم بدلائڻ، جيل ۽ ملڪ نيڪالي سان ملڪ ڪئين هلندو.
سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب اڪندي نواز شريف چيو ته 2017ع ۾ ن ليگ جي بهترين نموني ڊليور ڪري رهي هئي پر اسان جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو، ان وقت پاڪستان جي معاشي صورتحال پاڙيسري ملڪن کان سٺي هئي، ملڪ خوشحال هيو، رُپيو مضبوط ۽ مهانگائي نالي ڪا شيءِ نه هئي. نواز شريف جو چوڻ آهي ته اسان جي دور ۾ لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي جو خاتمو ٿي چڪو هو، سي پيڪ تي ڪم تيزيءَ سان جاري هيو ۽ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو پر ان وقت اسان جي خلاف سازش ڪري حڪومت ختم ڪئي وئي. هن چيو ته سازش تحت اسان جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو، ائين ڪيو وڃي ها ته اڄ پاڪستان مضبوط ملڪ هجي ها. هن سوال اُٿاريندي چيو ته ججن کي ڪهڙي ضرورت هئي سازش جو حصو ٻنجي ملڪ تي ڪهاڙي هلائڻ جي؟ اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڇو ڪئي وئي؟ آر ٽي ايس ڇو بند ڪيا؟ اهڙي شخص کي آڻڻ وارا ايترو ئي ذميوار آهن جيترو هو پاڻ آهي، 70 سالن دوران هن ملڪ جو جيڪو ڪجهه ڪيو ويو الله نه ڪري ڪنهن ٻئي ملڪ سان ٿئي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڏاڍو ڏکيو وقت ڏٺو آهي، پنهنجي قوم سان ساٿ نڀائي رهيو آهيان، جيترو عرصو اقتدار ۾ رهيس ان کان وڌيڪ عرصو جيلن، جلاوطني ۽ ڪيس ڀوڳڻ ۾ گذريو پر ڪڏهن به همت نه هاري، 2017ع کان اڄ تائين اسان جي خلاف سزائن جو سلسلو هلندو رهيو. هن وڌيڪ چيوته اسان وٽ هاڻ غلطي جي گنجائش ناهي، جيڪڏهن هاڻي به سبق نه سکيو ته بقول علامه اقبال ”اسان جي داستان نه هوندي داستانن ۾ “ .

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button