بريڪنگ نيوزسنڌ

سنجهورو ۾ درازا سانحي جي شهيدن جي اٺين ورسي ملهائي وئي

سنجھورو (رپورٽ: فقير حافظ ھنڱورو) بلدياتي چونڊن ۾ مخالفن جي فائرنگ ۾ شھيد ٿيل اڳوڻي صوبائي صلاڪار شھيد فقير نور حسن ورياماڻي ۽ ٻين 12 شھيدن جي اٺين ورسي سنجهورو جي مدرسيٰ صبغت القران ۾ ملهائي وئي. ورسي  تقريب کي حُر جماعت جي معزز ۽ معتبر شخصيت اڳوڻي ايم پي اي خليفي وريام فقير ورياماڻي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي خاندان سدائين پنهنجي مرشد رھبر جي حڪم تي ليبڪ ڪندي جان جا نذرانا ڏنا آھن. شھيد نور حسن ورياماڻي ۽ ٻين شھيدن پنهنجي مرشد جي  ٻچڙي کي بچائيندي شھادت جو جام پيتو. اسان کي شھيد نور حسن ۽ ٻين شھيدن تي فخر آھي، جن اسان جي خاندان جو ڳاٽ اوچو ڪيو. درگاھ شريف پير جو ڳوٺ فيصلا ڪميٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي ايم پي اي حاجي پير بخش جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته شھيد نور حسن ننڍي عمر ۾ جيڪو پارٽي ۽ جماعت لاءِ سياسي ڪم ڪيو اھو ڪم ھر ھڪ ماڻھو جي وس جي ڳالھه نه آھي. پارٽي ۽ جماعت جي نوجوانن کي به شھيد نور حسن جي ڇڏيل مشن کي  پورو ڪرڻ  لاءِ اڳيان اچڻ جي ضروت آھي. ورسي تقريب کي  فقير ظفرالله ورياماڻي، خليفو گل حسن مھر،  فقير صادق ڀاڻوجو، مفتي محمد رفيق سڪندري، فقير بچل ورياماڻي، فقير طارق ورياماڻي، حافظ عبدالقيوم مهر، فقير ابراھيم مهر، فقير علي حسن ورياماڻي، فقير نصرالله ورياماڻي، فقير علي احمد چانگ، محمد علي ڌاريجو،  فقير صادق ڀاڻوجو، اشتياق احمد آرائين، منصور لغاري، علي گل خاصخيلي، فقير مدد لغاري، منير خاصخيلي، حاجي سليم آرائين، فقير منير لغاري، غازي خان کورکاڻي، ظھير احمد جٽ، خداڏنو ڪاڇائي، ساحل مهر، فقير سبحان ھنڱورو، فقيرحيدر چانگ ۽ ٻين خطاب ڪيو. آخر ۾ شھيد نور حسن ورياماڻي ۽ ٻين شھيدن جي ايثال ثواب لاءِ ننگر  تقسيم ڪري دعا گهري وئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button