بريڪنگ نيوزسنڌ

مورو ۾ پوليس اهلڪار گوليون هڻي زال ۽ هڪ اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو

مورو (دين محمد ڪلھوڙو) مورو شھر جي درس روڊ خليفه محلا ۾ پوليس اھلڪار غلام عباس لانگاھ گوليون ھڻي پنھنجي گھرواري مسمات نور بانو لانگاھ کي قتل ۽ پوليس اھلڪار گلشير لانگاھ کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو جنھن جي اطلاع تي مورو پوليس پھچي لاش ۽ زخمي کي مورو اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر پاران زخمي کي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھ جي اسپتال منتقل ڪيو جيڪو رستي ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو جنھن جو لاش مورو اسپتال آندو ويو جتي مقتولا عورت ۽ نوجوان جي لاش جون قانون گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ھوڏانھن پوليس جوابدار کي پسٽل سميت گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آھي، پوليس جو چوڻ آھي ته وارثن ٻڌايو آھي ته ھنن جو پاڻ ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان جھيڙو ھلندڙ ھو، جوابدار عباس لانگاھ نوجوان گلشير لانگاھ سان گھٽي ۾ جھيڙو ڪيو ته سندس گھر واريءَ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي به گوليون ھڻي قتل ڪيو ۽ نوجوان کي به قتل ڪري ڇڏيو آھي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button