بريڪنگ نيوزقومي

هر پاڪستاني جي حفاظت ۽ سلامتي انتهائي اهميت رکي ٿي جنهن تي ڪابه سوديبازي نٿي ڪري سگھجي:آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته دانشورن ۽ سول سوسائٽي جي وڌيڪ ذميواري آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اسان جو عوام خاص طور تي نوجوان نسل رياستي ادارن جي خلاف جاري پروپيگينڊا بابت پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪن ۽ ان جو مقابلو ڪن. آءِ ايس پي آر موجب 25 هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ۽ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس جا ادارا دشمن قوتن جي لاڳيتون ڪوششن جي باوجود دهشتگردي جي لعنت جو بهادري سان مقابلو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هر هڪ پاڪستاني جي حفاظت ۽ سلامتي انتهائي اهميت رکي ٿي جنهن تي ڪنهن به قيمت تي سوديبازي ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي، اسان هڪ مضبوط قوم آهيون جنهن امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ گھڻين آمائشن کي برداشت ڪيو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير شرڪت ڪندڙن کي غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو، جنهن ۾ اسمگلنگ، بجلي جي چوري، منشيات جي پکيڙ، بارڊر ڪنٽرول جا قدم ۽ پاڪستان مان غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي وطن واپسي شامل آهن. ان کانسواءِ آرمي چيف معيشت جي بهتري لاءِ ڪيترائي فعال قدم جن ۾ خاص سيڙپڪاري سهولتڪاري ڪائونسل جي نتيجي ۾ معيشت تي هاڪاري اثرن کي به اجاگر ڪيو. جنرل عاصم منير چيو ته فوج پاڪستان جي عوام جي بهتري لاءِ رياست جي ٻين ادارن سان گڏجي مختلف شعبن ۾ قومي ۽ صوبائي سطح تي پوري طرح عمل ۾ مصروف آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button