بريڪنگ نيوزسنڌ

ليگل رائٽس فورم جي سي اي او فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ايف آءِ آر تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

دادو(ڊ ر) ليگل رائيٽس فورم جي سي اي او پاران فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ايف آءِ آر تي خدشه ظاهر ڪري ڇڏيا،سماجي تنظيم ليگل رائيٽس فورم جي چيف ايگزيڪيوٽو ملڪ طاهر اقبال پراجيڪٽ مئنيجر سجاد علي لولائي، سي آر سي ڪوآرڊينيٽر نياز چانڊيو دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ داخل ايف آئي آر ۾ جنسي زيادتي ۽ چائلڊ ليبر جا قلم نه لڳايا ويا اهن، جاچ آفيسر کي گهرجي ته قتل جي قلمن سان گڏ جنسي زيادتي ۽ چائلڊ ليبر جا قلم به ايف آئي آر ۾ شامل ڪري، هنن چيو ته ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ موجب نينگري سان جنسي زيادتي ٿي آهي تشدد پڻ ٿيل آهي، هنن چيو ته معصوم ٻارڙي فاطمه جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسون ٿا ته دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿو سنڌ ۾ ٻارن جي تحفظ ۽ چائلڊ ليبر بابت قانون ته ٺهيل آهن پر انهن تي عمل درآمد نه پيو ٿئي هنن چيو ته نه صرف گرفتار جوابدار پر حويلي ۽ علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جا ڊي اين اي ٿيڻ گهرجن، معصوم ٻارڙن سان جنسي زيادتي ۽ تشدد ڪندڙن جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي، هنن چيو ته ڪنهن مجبوري سبب اگر ڪو ٻار گهرن ۾ ڪم ڪري ٿو ته ان ٻار جو تحفظ، پڙهائي، صحت جو خيال رکڻ لاءِ به قانون سازي ٿيڻ گهرجي اگر اتي ان سان ناروا سلوڪ يا تشدد ٿئي ته رياست فل فور انهن خلاف ڪاروائي ڪري، هنن چيو ته سنڌ حڪومت پهريان اهو چيو ته چائلڊ ليبر جيڪو آهي اهو چائلڊ ليبر قانون جو حصو آهي پر ان تي نظر ثاني بعد اهو چيو ويو ته اهو چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ ۾ اچي ٿو جنهن لاءِ اسين سنڌ حڪومت کان اهو مطالبو ڪنداسين ته چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي بجيٽ ضلعي سطح تائين جاري ڪئي وڃي ته جئين ٻارن جي تشدد جي واقعن جي روڪٿام ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي،هنن چيو ته ملڪ ۾ گھرن اندر ڪم ڪندڙ ٻارن کي تحفظ، صحت ۽ سوشل ذميداري پوري ڪرڻ لاءِ قانون جي نه هجڻ ڪري پوري ملڪ ۾ گهرن ۾ ڪم ڪرڻ وارن ٻارن ۽ عورتن تي تشدد جا واقعا وڌي رهيا آھن، هنن چيو ته لاهور ۾ جج جي گھر ۾ ٻارڙي جو موت، ڪراچي ۾ گلشن حديد ۽ هاڻي راڻي پور گھرن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو گھرن ۾ هجڻ جي ڪري ڪو انگ اکر نه ٿو ملي نه ئي وري انهن تي ظلم ڪرڻ جي خبر پوي ٿي،صوبائي ۽ وفاقي حڪومت هن متعلق ڪا قانون سازي ڪري آئين جي 11 آرٽيڪل کي عملي شڪل ڏئي چائلڊ ليبر ۽ ٻارن جي گهريلو ڪم غلامي ڪرڻ کي غير قانوني ڪرار ڏئي غريب ٻارن کي بهتر مستقبل ڏئي کين جيئڻ جو حق ڏنو وڃي،اڳواڻن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته گھرن ۾ مزدوري ڪندڙ ٻارڙن جي رجسٽريشن ڪئي وڃي، قانون موجب ٻارن کان جبري پورهيو وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي،

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button