بريڪنگ نيوزصحت

جهرڪ ويجهو هاءُ ڏاريندڙ روڊ حادثو،عورت سميت 7 مسافر فوت،15 زخمي

ٺٽو(رپورٽ: صديق ميمڻ)جهرڪ ويجهو  خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 7 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 15 مسافر زخمي ٿي پيا بروقت ايمبولينس ۽ ريسڪيو ٽيمون نه پهچڻ ڪري هڪ ڪلاڪ تائين زخمي واقعي واري هنڌ تڙپندا رهيا، صبح 8 وڳي حيدرآباد کان ٺٽي ايندڙ مسافر وين تيز رفتاري سبب جهرڪ لڳ ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراهھ تي بسم الله چوڪ وٽ سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 7 مسافر تڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته 15 مسافر زخمي ٿي پيا فوتين جي سڃاڻپ شھدادڪوٽ واسي 25 ورهين جي نادر علي بروهي، ڪوٽڙي واسي 33 ورهين جي وين ڊرائيور غلام حسين ميمڻ، غلام الله واسي 56 ورهين جو مختيار علي، پنجاب جي نودران جو رهواسي 17 ورهين جو نوجوان محمد عليز، نيشنل بئنڪ مڪلي جي آپريشنل مئنيجر ذوالفقار علي راڄپر ۽ حيدرآباد واسڻ عورت حاجران ڌيءَ سلمان راهوجو طور ڪئي وئي جڏھن ته هڪ فوتي جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري ان جو لاش اڃا تائين جهرڪ اسپتال ۾ پيل آھي. حادثي بعد هڪ ڪلاڪ تائين 1122 ايمبولينس سروس سميت ريسڪيو ٽيمون بروقت نه پهچڻ ڪري هڪ ڪلاڪ تائين زخمي واقعي واري هنڌ تڙپندا رهيا ۽ فوتين جا لاش به پيل رهيا ميڍيا ۽ سوشل ميڍيا تي خبرون هلڻ بعد هڪ ڪلاڪ کانپوء ريسڪيو ٽيمون پهتيون پر ان کان اڳ زخمين کي مقامي ماڻھن مختلف خانگي گاڏين ذريعي جهرڪ رورل سينٽر منتقل ڪيو زخمين ۾ ٺٽي جي سرگرم سياسي سماجي عورت اڳواڻ راحيلا ڀٽو، نورجهان، غلام مصطفيٰ، عزيزان، صابر علي، شعبان، قربان علي، سڪندر ملاح، ڪريم بخش خواجه ۽ ٻيا شامل آھن. خوفناڪ حادثي باوجود ٺٽي جي ضلعي انتظاميه جو ڪوبه عملدار حادثي واري هنڌ توڙي اسپتال نه پهتو ميڍيا تي خبرون هلڻ بعد نگران وڏي وزير ر جسٽس مقبول باقر چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم پاران واقعي جو نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪرڻ کانپوءِ انتظاميه حرڪت ۾ آئي ٻئي طرف چيف سيڪريٽري پاران ڊي سي ٺٽو کان خوفناڪ وين حادثي بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي ،  هوڏانهن حادثي ۾ فوت ٿيل 7 فوتين مان سڃاڻپ بعد 6 فوتين جا لاش سندن وارث پنهنجي پنهنجي علائقن ڏانهن کڻائي روانا ٿيا. جڏھن ته زخمين کي جهرڪ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد ٺٽو ڪراچي حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان جي اسپتالن ڏانهن روانو ڪيو ويو. شاهدن موجب حادثو وين جي تيز رفتاري سبب پيش آيو حادثي ۾ وين ڊرائيور غلام حسين ميمڻ به تڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ٽرڪ ڊرائيور حادثي بعد ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويو. جهرڪ پوليس ابتدائي رپورٽ درج ڪري ٻنهي گاڏين ٽرڪ ۽ وين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button