بريڪنگ نيوزقومي

نگران وزيراعظم لاءِ اسحاق ڊار جو نالو ڪنهن پيش نه ڪيو: رانا ثناءُالله

اسلام آباد (اين اين آءِ) (ن) ليگ جي اڳواڻ ۽ وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته نگران وزيراعطم لاءِ اسحاق ڊر جو نالو ڪنهن پيش ناهي ڪيو پنهنجي هڪ بيان ۾ رانا ثناءُالله چيو ته اهو چوڻ ٺيڪ نه آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ اسحاق ڊار جو نالو آيو ۽ رد ٿي ويو اڳوڻي وزيراعظم جي ملڪ واپسي بابت رانا ثناءُالله چيو ته نواز شريف جلد موٽي ايندو ۽ حفاظتي ضمانت وٺندو ۽ عدالتن ۾ پيش ٿي بري ٿيندو. هن چيو ته اهو نٿو چئي سگهجي ته امن امان جي صورتحال خراب آهي جڏهن ته خيبرپختونخواه ۾ دهشتگردي ڪر کڻي رهي آهي هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا نيڪ نيت ۽ بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪري رهيا آهن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button