بريڪنگ نيوزسنڌ

عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي، مستقبل سنوارڻ لاءِ جي ڊي اي اميدوارن کي ڪامياب بڻايو وڃي: سيد صدر الدين شاهه راشدي

ھنڱورجا (ن م) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صوبائي صدر ۽ اين اي 203 جي اميدوار سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو آھي ته سنڌ کي تباھ ڪندڙن جي احتساب جو وقت اچي ويو آھي سنڌ جا نوجوان سجاڳ ٿي چڪا آھن ۽ 8 فيبروري تي انھن کان حساب ستاري ٽپو ھڻي ورتو ويندو. سنڌ ۾ برسات جي تباھ ڪارين ۾ سنڌي ماڻھن کي اڪيلو ڇڏي ويا ۽ ڪرپشن ڪري پنھنجا پيٽ ڀريا ويا وقت اچي ويو آھي ته سنڌ جو مستقبل سنوارڻ لاءِ جي ڊي اي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪيو. اسان عوام جي خدمت ڪئي آھي ھنگورجا ۾ تسليم ميمڻ جي رھائشگاھ  تي وڏي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو 15 سالن تائين پ پ پ سنڌ جي عوام کي لٽيو ۽ ڦريو آھي ھاڻي ھو ڪھڙي منھن سان ووٽ وٺڻ ايندا. ھن چيو ته سنڌ ۾ پ پ پ جو متبادل جي ڊي اي جي صورت ۾ موجود آھي. ھن وڌيڪ چيو ته پ پ پ پنھنجي دور حڪومت ۾ نوڪريون ڏيڻ لاءِ به سنڌي نوجوانن سان ٺڳي ڪئي.نوڪرين جا ھنن پنھنجا ريٽ مقرر ڪيا ھئا. نوجوان سجاڳ ٿي چڪا آھن سوشل ميڊيا ذريعي 15 سالن تائين حڪمراني ڪندڙن کان انھن جي ڪارڪردگي بابت سوال ڪن ٿا تي انھن ھاڻي به اھو جواب ڏين ٿا ته ھن ڀيري معاف ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته 8 فيبروري تي جي ڊي اي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو ته جئين سنڌ جو مستقل سنواري سگھجي. گڏجاڻي کي پي ايس 30 جي اميدوار خالد شيخ خطاب ڪندي چيو ته پ پ پ وارن لٽ مار ۽ ڦرمار کان سواءِ 15 سالن جي اقتدار واري دور ۾ ڪجھه به ناھي ڪيو. سيد صدرالدين شاهه راشدي پنھنجي دور ۾ تعلقي سوڀوديرو ۾ زرعي پاڻي جي پھچ لاءِ شاخون منظور ڪرايون. اڄ سمورو علائقو سرسبز آھي اسان کي ھڪ ڀيرو آزمايو اسان اوھان جا مسئلا حل ڪنداسون. گڏجاڻي کي تسليم ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏھن ته ڪارنر گڏجاڻي ۾ واٽيا برادري جي نور محمد واٽيو پنھنجي برادري ۽ دوستن سميت جي ڊي اي ۾ شامل ٿي ويو. ڪارنر گڏجاڻي ۾ سيد سرڪار حسين شاھ، سيد دلشاد حسين شاھ، بشر فاروقي، ھاشم سھتو سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button