بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدر آباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻي ٿي گذري

حيدرآباد(پ ر)سنڌ جا ڪيترائي نامور شاعر ۽ اديب سنگت جي پيداوار آھن،سنڌي ادبي سنگت ۾ تنقيد سبب شاعر ۽ اديبن ۾ نکار اچي ٿو،ڪجھه ادبي فورم آھن جن ۾ تنقيد ڪرڻ جائز ناھي، اھڙن ادبي بزمن ۾ سکيا ۽ تربيت جو عمل نه ھجڻ جي برابر آهي، سيکڙاٽ شاعر ۽ اديب جھڙو آيو تھڙو ويو،سنگت جون گڏجاڻيون نوجوان شاعرن،اديبن لاءِ سکيا جو مرڪز آھن.اھڙو اظهار نامياري شاعر ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽري حيدرآباد مولا بخش محبتي سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي دستوري گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ تنقيد لاءِ نڪور لکڻيون پيش ڪيون.جن ۾ سليم چنا ڪھاڻي(ڪوڙ م ڪماء)شاڪر عزيز سيتائي غزل،عبد مگسي غزل،شيرل گوپانگ غزل تنقيد لاءِ پيش ڪيا.پيش ڪيل اسمن تي مٿين ليکڪن کان سواءِ پروفيسر زوار نقوي،گل شير ڪوريجي، واحد ڪانڌڙي، ڊاڪٽر عبدالعزيز ٿيٻي، دريا خان پيرزادي، اظھر پٺاڻ ۽ ٻين اصلاحي تنقيدي رايا ڏنا.سليم چنا جي ڪھاڻيءَ تي راءِ ڏيندي نظير ملڪاڻي چيو ته ھيءَ ڪھاڻي ھڪ اسپتال جي پس منظر ۾ لکيل آھي،ڪوڙي ول جو ذڪر عجيب آھي، ھيءَ ڪھاڻي رپورٽ لڳي ٿي، واحد ڪانڌڙي چيو ته ڪھاڻي رپورٽ ٽائيپ آھي،عبدالعزيز ٿيٻي چيو ته ڪھاڻي ۾ ھڪ طرفو موقف ڏنو ويو آهي.مولا بخش محبتي بنا تنقيد جي غزل ٻڌائي داد حاصل ڪيو.آخر ۾ ساس جھڏي جي باني شاعر الھجڙئي شاد جي حادثاتي وڇوڙي تي تعزيتي ٺھراءُ پاس ڪري سندس پونيئرن سان تمام گهڻي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو.گڏجاڻي جي ڪارروائي جوائنٽ سيڪريٽري شاڪر عزيز سيتائي ھلائي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button