بريڪنگ نيوزسنڌ

20 هزار فوج جو ڪمانڊر آهيان پر لکين حر به مون سان گڏ آهن: جي او سي

گهوٽڪي/ ڏهرڪي (مڱريو/ شيخ وٽان) ڏهرڪي جي 6 نمبر کوهه لڳ شھيدن جي قبرستان تي 1965 ۽ 1971 جي شهيدن جي قبرستان تي يادگار حر  شهداءَ ٺھرائيو ويو جنهن جو افتتاح ۽  يادگار شھداءَ تي جي او سي پنو عاقل جنرل عامر امين 16 ڊو  پنهنجي ٻين فوجي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏجي حاضري ڏني ۽ گل دستو رکي دعا گهري  بعد ۾ حر جماعت طرفان سندس مان ۾ هڪ وڏو جلسو منعقد ڪيو ويو هو جنهن ۾ 1965جي شھيدن جو اولاد به شامل هو تن سان جي او سي جنرل عامر امين مليو ۽ انهن کان حال احوال پڇيو  بعد ۾  1971 جي جنگ جا غازي پڻ جلسي ۾ موجود  هئا جلسي ۾ جماعت تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ڊي سي گهوٽڪي، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اي سي ڏهرڪي سميت ماڙي گئس ڪمپني جي ايڊمنسٽريشن سميت ضلعي گهوٽڪي جي سموري انتظاميا شرڪت ڪئي جي او سي ۽ آئيل مهمانن جو حر جماعت طرفان پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زنده آباد ۽ ڀيڄ پاڳارا جي اڀ ڏاريندڙ نعرن سان ڪيو تقريب ۾ آئيل مهمانن جو  حر جماعت جي چيف خليفي فقير قادر بخش مڱريو پاران شڪريو ادا ڪيو  ويو ۽ خطاب ڪندي چيو ته اسان  جي حر جماعت هن ملڪ پاڪستان لاءِ سڀن کان وڌيڪ قربانون ڏنيون آهن ۽ پاڪستان ته 1947 ۾ ٺھيو آهي اسان جي وڏن ۽ درگاهه حضرت روضي ڌڻي سردار جي تمام گادي نشينن پنهنجون قربانيون ڏئي ملڪ آزاد ڪرايو آهي حرن هميشه هر محاذ تي پاڪ فوج سان گڏجي مقابلو ڪيو آ ملڪ دشمن قوتن سان  پير سائين ڇٽ ڌڻي سردار ب هميشان جي ايڇ ڪيو  سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هليا ۽ آرمي به پير سائين سردار سان ادب ۽ محبت سان هلي موجوده پير سائين سردار سيد صبغت الله شاھ پاڳارو  پڻ جماعت کي هميشه اها تلقين ڪندو آهي ته اسان پاڪ فوج سان ۽ پاڪ فوج اسان سان آهي پنهنجي نئين نسل کي ٻڌائي ڇڏيو ته هي فوج اسان جي پنهنجي آهي ۽ هميشه هن لاءِ دعا گهرندا ڪيو  آخر ۾ چيف خليفي ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر سميت آرمي چيف سيد عاصم منير ۽ جي او سي جو پڻ شڪريو ادا ڪيو چيف خليفي پاران جي او سي کي سنڌ جي ثقافت پڳ پهرائي وئي ۽ شيلڊون ڏنيون ويون ۽ پڳ سان ئي جنرل عامر امين خطاب ڪيو، ان موقعي تي جي او سي پنو عاقل  محترم جنرل عامر چيو ته مان توهان حرن کي سلام پيش ڪرڻ ۽ توهان جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آيو آهيان هن ملڪ جا اگر وفادار ۽ حقيقي مالڪ آهيو ته توهان ئي حر ڪميونٽي وارا آهيو هي ملڪ توهان اسان سڀن جو گڏيل ملڪ آهي پر توهان جي قرباني جيئن چيف خليفي چيو ته وڌيڪ قرباني حرن جي  آهي بلڪل ايئن ئي آهي اسان کي مٿان کان به اهو چيو ويندو آهي ته هي ملڪ اصل ۾ حر ڪميونٽي وارن جو آهي ۽ انهن جي ئي قرباني جي ڪري اڄ آزاد فضا ۾ گهمئون فرئون ٿا اسان توهان سان گڏ آهيون هر ڏک سک ۾ ڪو به ڪم ڪار هجي ته توهان مون سان اچي ملندا ڪيو انشاالله توهان سان هر سهڪار ڪيو ويندو   ۽ خليفي مون سان ملندا رهن ٿا توهان حر جماعت جو جوش ۽ ولولو ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي پهريان مان سمجهان پيو ته مان 16 ڊو 20000 هزار فوجن جو ڪمانڊر آهيان پر هاڻي مون کي پڪ ٿي وئي ته 16 ڊو نه بلڪ مون سان ته هزارين لکين هي حر گڏ آهن ڇو ته جنگيون به فوجون نه بلڪ قومون ئي وڙهنديون آھن جنهن ملڪ سان عوام گڏ هوندو آھي ته ان ملڪ جي فوج طاقتور هوندي آهي اسان سان هي لکين حر گڏآهن جن اڳ ۾ به بهاولپور سيڪٽر کان وٺي عمرڪوٽ ڪارونجهر تائين بارڊر سنڀاريو هو ۽ دشمن کي نست و نابود ڪيو هو ۽ ان جي گهر ۾ گهري ڪري ڪيترا ئي قلعا فتح ڪيا هئا  ان ٽائيم ته آرمي به گهٽ ھئي ۽ حر به گهٽ هئا  هاڻي ته الحمد الله لکين ڪروڙين حر اسان سان گڏ آهن پوءِ دشمن کي ڪهڙي طاقت آهي جو اسان ڏي ميري اک کڻي ڏسندو آخر ۾ مان توهان سڀني خليفن ۽ ڊاڪٽر فاروق مڱريو ۽ جماعت  جو وري وري به شڪر گذار آهيان جو مون کي ايتري عزت ۽ پيار ڏنو اٿؤ تقريب ۾ حر جماعت جي خليفن ۾ چيف خليفو فقير قادر بخش مڱريو، ڊاڪٽر فاروق مڱريو، خليفو عبدالسلام ڏاهري، خليفو اڪرام کوسو، خليفو علي محمد ڳاهو، خليفو احمد صالح مهر، فقير خادم صاحب جوڻيجو ، فقير ڪمال پنهيار، حر جماعت جي مشهور نعت خوان ۽ 1971 جي جنگ جي هيرو فقير محبوب علي شيخ ۽ فقير اعجاز علي شيخ، فقير اڪيل ڪٽبر، فقير حاجي بادل مهر، حاجي سڪيلڌي مهر، جڳمال فقير مهر، فقير فتح محمد، عطا محمد مهر، دولو فقير، درگاهي فقير، فقير اربيلو مڱريو، فقير غلام نبي مڱريو، مير خان مهر سخي جو امداد خان مهر سخيجو  ۽  ٻين معززن جملي جماعت ڪسير تعداد ۾ شرڪت ڪئي آخر ۾ ملڪ جي سلامتي لا۽ دعا گهري وئي ۽ ننگر تقسيم ڪيو ويو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button