بريڪنگ نيوزسنڌ

پيروسڻ ۾ نوجوان اتحاد پاران گو افغاني گو ريلي ڪڍي وئي، سخت نعريبازي

پيروسڻ (ن م) پيروسڻ ۾ نوجوان اتحاد ۽ سول سوسائٽي پاران غير ملڪي افغانين جي نيڪالي لاءِ حُسيني چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا مين چوڪ کان ٿيندي پيروسڻ ٿاڻي تي پهتي ريلي ۾ مظاهرين گو افغاني گو جا نعرا هڻي رهيا هئا ريلي جي اڳواڻي منظور سنڌي، باسط سومرو، شھزاد شر، صدام سنڌي، زاهد گل، مجيداڻو علي، محمد مجيداڻو، امداد مجيداڻو، زوهيب فل، اياز فل، فهد حاجاڻو، سراج سنڌي، امتياز فل ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ غير ملڪي افغانين، بنگالين، برمي بار بڻجي ويا آھن نگران حڪومت پاران ڏنل الٽيميٽم جو مدو به پورو ٿي ويو پر ڪافي شھرن توڙي ڳوٺن م اڃا به افغاني موجود آھن انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن هو سنڌ ڇڏي افغانستان هليا وڃن پاڪستان ۾ اچن ته ويزا ذريعي اچن سنڌ ۾ افغانين کي فوري طور تي واپس موڪليو وڃي  سنڌ ڪوئي عالمي يتيم خانو ناهي سنڌ سنڌين جي آھي افغانين سميت سمورا ڌاريا واپس موڪليا وڃن سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪئي وڃي سنڌ جيڪا وسيلن سان مالا مال هوندي بک بدحالي غربت جي ور چڙھي وئي آھي، اهو وسيلن جي فرلٽ ۽ ڌارين جي آبادڪاري جو نتيجو آھي سنڌ ۾ ٺھندڙ شھر ڌارين جي آبادي جون پناهگاهون ٿينديون اسان کي افغاني ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن جلد کان جلد هنن کي پنهنجي ڏيھه واپس موڪليو وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button