بريڪنگ نيوزسنڌ

بااثر مون کي جهڪائڻ چاهين ٿا،ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن: فقير غلام جان ڏاهري

ڀرياسٽي(پ ر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي نوشھرو فيروز جي صدر فقير غلام جان ڏاھري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته  علائقي جو  پيپلز پارٽي جي بااثر جو منشي عنايت ڏاھري مون تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رھيو آھي ھن چيو ته مون کي بااثر عنايت ڏاھري ۽ سندس ڀائرن مان جان جو خطرو آھي خدشو آھي ته مون کي نقصان پھچايو ويندو، ان جو ذميوار عنايت ڏاھري ھوندو ھن ٻڌايو ته ڪورٽ سڳوري منھنجي پڪي ضمانت منظور ڪئي آھي اسان عدالتن جو احترام ڪيون ٿا مخالفن وڏي ڪوشش ڪئي ته اسان کي جھڪائي اسان جي زمينن تي قبضا ڪري ۽ ڳوٽ ڇڏي وڃي پر انھن جا خواب ڪڏھن به پورا نه ٿيندا آئون حر آھيان اسان جھڪڻ سکيو ناھي پنھنجي زمينن جي مالڪي ۽ علائقي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، ھن ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد ايس ايس پي نوشھرو فيروز ۽ ٻين کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوثيس وٺي دريا خان مري ٿاڻي ته مون خلاف ڪوڙي آيف آءِ آر خارج ڪري مون کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button