بريڪنگ نيوزقومي

ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊن جي تيارين ۾ مصروف آهيون : مرتضيٰ سولنگيٰ

ملتان (اين اين آءِ) نگران سڌسماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊن جي تيارين ۾ مصروف آهيون 8 فيبروري 2024 تي عام چونڊون ٿينديون هي فيصلو عوام ڪندو ته ايندڙ حڪومت ڪير ڪندو. آئين ۾ آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا بنيادي فيصلا سازي نگران حڪومتن جو ڪم نه آهي هي چونديل حڪومت ۽ چونديل پارليمان جو ڪم آهي اسان کي جنهن حالت ۾ ملڪ مليو آهي ان کان بهتر هالت ۾ ايندڙ حڪومت کي ڏئي وينداسين اربع تي هتي پاڪستان ٽيليويزن ملتان سينٽر جي 24 ڪلاڪ علائقائي نشريات جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن ملڪ کي چونڊيل نمائندا هلائيندا ان عمل تائين پهچڻ لاءِ منهنجي خواهش آهي ته پي ٽي وي ملتان سينٽر هن خطي جي عوام جا حقيقي مسئلا ۽ ان جي خواهشن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ان جو آواز بڻجي هن چيو ته هن علائقي جا معاسي ۽ ثقافتي مسئلا گهڻو پراڻا آهن اهي حل ڪرڻ لا3 پي ٽي وي ملتان اڻ ڌري رهندي هن خطي جي سياسي پارٽين سميت مختلف ماڻهن جي راين کي پيش ڪندي هڪ سوال تي هن چيو ته چونڊن ۾ اصل فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي چوندن ۾ عوام پنهنجي مرضي جو اظهار ڪندو ۽ فيصلو ڪندو ته ايندڙ حڪومت ڪير ڪندو هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزارت فوڊ سيڪيورٽي پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي ايس آئي ايف سي جي تحت زراعت لاءِ ڪجهه قدم کنيا پيا وڃن زراعت صوبائي سبجيٽ آهي پر هن معاملي ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون گڏجي ڪم ڪنديون هڪ سوال تي هن چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته صاف شفاف چونڊن جو اهتمام ٿئي هن چيو ته ملڪ ۾ ميڊيا به آزاد آهي عدليه به آزاد آهي چونڊ عمل صحيح طريقي سان ٿيندو هن چيو ته ملتان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن لاءِ اها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته اڄ کان پي ٽي وي ملتان سينٽر 24 ڪلاڪ نشريات شروع ڪري رهيو آهي هن چيو ته ملتان سينٽر تان ڪجهه پروگرام سڌاسنوا نشر ٿيندا ۽ ڪجهه رڪارڊ ٿيل هوندا هن چيو ته هڪ هفتي ۾ اٽڪل 8 پروگرام حالات حاضره جا هوندا ان کان علاوه موسيقي، ادب، ٻارڙن ۽ عورتن لاءِ به خاص پروگرام پيش ڪيا ويندا. هن چيو ته پي ٽي وي واحد براڊ ڪاسٽر آهي جنهن جي نشريات اينٽنا جي ذريعي به ڏسي سگهجي ٿي جڏهن ته ان جي نشريات ڪيبل ۽ سيٽلائيٽ تي به موجود آهي. هن چيوت ه ڏکڻ پنجاب خطي جا کوڙ ماڻهو پاڪستان کان ٻاهر رهن ٿا پي ٽي وي ملتان جي نشريات اٽڪل 50 ملڪن ۾ سڌي سنئين ڏٺي ويندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button