بريڪنگ نيوزسنڌ

نوشهرو فيروز جي رھواسين جو علائقي جي بااثر ۽ ٽائون چيئرمين خلاف احتجاج

نوشهرو فيروز (ڊ ر )نوشهرو فيروز جي ڳوٺ جاڳڻ خاصخيلي جي رھواسين علائقي جي بااثر ۽ ٽائون ڪميٽي دريا خان مري جيچيئرمين جي ظلمن خلاف احتجاج ڪندي ھارين عرض محمد خاصخيلي، يوسف خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته ديھه ڪنگل ۽ چاناري ۾  محمد اسلم سھتو وارن جي تقريبا 42 ايڪڙ زرعي زمين آھي جيڪا 40 سالن کان اسان ھارپي تي آباد ڪندا رھون ٿا. جڏھن ته زمين جي مالڪي دعويدار ٻي ڌر عديل سھتو پاران زمين جي کاتن جي ڦير ڦار ڪرڻ جو ڪيس ٽن سالن کان عدالت ۾ ھلندڙ آھي. ان باوجود ٽائون ڪميٽي دريا خان مري جي چيئرمين ابراھيم بروھي پاران فرحان سھتو کان سروي نمبر 455 مان 7 ايڪڙ 29 ويسا زرعي زمين خريد ڪئي آھي ۽ انھيءَ  زمين جو محمد اسلم سھتو وٽ خليل احمد سھتو جي فيملي جا اٽارني پاور پڻ موجود آھن ان باوجود ٽائون چيئرمين زرعي زمين خريد ڪري پنھنجي ڀاءُ عبدالرحمان بروھي جي نالي ڪرائي آھي ۽ جنھن خلاف ڪورٽ سڳوري نوشھرو فيروز پاران پڻ عبدالرحمان ولد محمد عالم بروھي ڏانھن نوٽيس پڻ جاري ڪيو آھي ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻ بجاءِ زمين آباد ڪندڙ مقاطعيدارن ۽ ھارين تي ڪوڙا ڪيس ڪري حراسان ڪري رھيو آھي ۽ اسان جا ماڻھو به اغوا ڪرائي رھيو آھي. ھنن چيو ته خريد ڏيکاريل زمين ساڍا چار 4 سال اسان وٽ مقاطعي تي آھي جنھن جي ايگريمنٽ پڻ موجود آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته ٽائون چيئرمين ابراھيم بروھي وڌيڪ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي ۽ دريا خان مري پوليس پڻ ڌر بڻجي اسان کي ڌمڪائي رھي آھي. ھنن روينيو جي صوبائي وزير آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد سيشن جج ايس ايس پي نوشھرو فيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻڌري جاچ ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button