بريڪنگ نيوزسنڌ

اوٻاوڙو ويجهو مخبري الزام هيٺ ڌاڙيلن هٿان سولنگي برادري جو چڱو مڙس قتل

اوٻاوڙو (ن خ) اوٻاوڙو ويجهو پنجاب جي علائقي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبوب سولنگي تي نامعلوم هٿيار بندن ٽولي جي سولنگي برادري جي گهر تي چڙھائي ڪري جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا سخت فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب سولنگي برادري جو چڱو مڙس غلام رسول سولنگي موقعي تي  قتل ٿي ويو جوابدار فائرنگ ڪندا موقعي تان فرار ٿي ويا مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻه مهينا اڳ ماڇڪو پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مقابلي دوران چار ڌاڙيلن جا ساٿي مارجي ويا ھئا ڌاڙيلن پاران غلام رسول تي     کيس مخبري جو الزام هينون ھو انھن ڏوھارين رات جو حملو ڪري اسان جي چڱي مڙس غلام رسول سولنگي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي  ھوڏانھن اطلاع تي ماڇڪو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال صادق آباد پھچايو جتي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو جڏھن ته ماڇڪو پوليس جو چوڻ آهي  واقعي جي جانچ شروع ڪري ڇڏي جلد اصل حقيقت سامهون اچڻ بعد قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو هوڏانهن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button