بريڪنگ نيوزقومي

چونڊن جي تاريخ ڏيڻ اسان جو اختيار نه آهي،جنهن ڏينهن اليڪشن ڪميشن اعلان ڪندي ان ڏينهن چونڊون ٿينديون:نگران حڪومت

اسلام آباد (بيورو)  نگران سڌ  سماءِ واري وفاقي وزير مرتضيٰ  سولنگي ٿيڻ جو يقين آهي. جڏهن ته چونڊن  جي تاريخ ڏيڻ اسان جو ڪم ناهي. پر  اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. مون کي اليڪشن ڪميشن جي  صلاحيت ۽ قيادت تي مڪمل  اعتماد آهي. مون کي پورو يقين آهي. جنهن تاريخ تي اليڪشن اعلان ڪندو. ان ئي ڏينهن اليڪشن ٿيندي. نواز شريف قانوني پراسس جي ذريعي ٻاهر ويو ۽ قانون  پراسس تحت ئي واپس ايندو. هڪ انٽريو   ڏيندي مرتصيٰ سولنگي چيو ته اليڪشن ڪميشن  کي نگران حڪومت کي نگراڻي ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي. پر اليڪشن  ڪميشن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ اسان جي اختيار ۾ ناهي. نواز شريف جي واپسي ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته 21 تاريخ تي جيڪو ملڪ جو آئين ۽ قانون چوندو تيئن ٿيندو. نواز شريف 3 ڀيرا وزيراعظم رهيو آهي. هو غير قانوني طور تي هن ملڪ مان ڀڄي ناهي ويو. پر عدالتن ۽ حڪومت کيس وڄڻ جي اجازت ڏني. قانون کي پتو آهي ته  ان کي پنهنجو رستو ڪيئن ڪڍڻو آهي. ڇا نواز شريف کي ايئر پورٽ تي گرفتار ڪري سگهي ٿو. ان حوالي سان  وفاقي وزير چيو ته ٿيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. انتظار ڪيو. قانون ۽ عدالتن جو پنهنجي اختيار استعمال ڪرڻ ڏيو. عمران  خان جيل مان نڪري اليڪشن مهم هلائيندو. ان سوال تي مرتضيٰ سولنگي چيو ته هي پي ٽي آءِ جو پنهنجو معاملو آهي ته هواليڪشن مهم ڪيئن هلائي ٿي. جيڪڏهن هڪ ماڻهو جيل ۾ آهي ۽ ان کي سزا ٿي وڃي ته اهو اليڪشن جي سرگرمين ۾ حصو نٿو  وٺي سگهي.  جيڪي ماڻهو سياسي سرگمين ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿا انهن ڪا ئي پابندي ناهي. پي ٽي آءِ تي جلسي جلوس ۾ ڪائي پابندي ناهي ۽ ميڊيا  جي به آزادي آهي. عمران خان جي معافي ڪيسي تائين ٿي ويندي. جي سوال تي وفاقي وزير چيو ته اهو معافي ڏيندڙ  ادارا  طئي ڪندا. نگران حڪومت  جو اهو ڪم ناهي. اهو ڪم عدالت جو آهي. عدالتون طئي ڪنديون کيس  اندر رهڻو آهي. ٻاهر وڄڻو آهي.اپوزيشن ۾ رهڻو آهي. يا وزيراعظم رهڻو آهي. پيپلز پارٽي ليول پلينگ  فيلڊ نه ملڻ جي شڪايت ڪنهن سان ڪري رهي آهي. جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي به ٻين پارٽين وانگر هڪ وڏي سياسي پارٽي آهي. هن وقت اليڪشن جو  ماحول موجود آهي ۽ اهڙي ماحول ۾ ڪنهن به جماعت ۽ ان جي قيادت کي ڳڻتي جو اظهار، شڪايت ۽ موقف ڏيڻ جي آزادي آهي. هي ان جي جمهوري، سياسي ۽ قانوني حقن ۾ شامل آهي. سموري سياسي پارٽين کي برابر جا موقعا آهن.  اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت ان کي يقيني بڻائيندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته  پي ٽي آءِ رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي ۽  پي ٽي  آءِ سميت سمورين پارٽين جا برابر جا حق حاصل آهن. ڪجهه ماڻهن جي جيل ۾ هجڻ جي جواب تي مرتضيٰ سولنگي چيو ته 2018ع ۾  چونڊن ۾ ڪيترن  ئي پارٽين ماڻهو جيل هئا. کين سزائون به ٿيون. ن ليگ کي واضح اڪثريت نه ملي سگهي. پر اها پارليامان ۾ موجود هئا. تنهن ڪري بي اعتمادي رٿ جي  صورت ۾ وزيراعظم ان جو ٿيو. تنهنڪري ان پاڪستان جي سياسي تاريخي ۾ ڪائي انوکي  ڳالهه ناهي. پي ٽي آءِ تي تڪليف آئي ته ان جو ذميوار ڪير آهي. جي جواب ۾ هن چيو ته 2018ع ۾ مسلم ليگ ن تي جيڪو ڏکيو ڏينهن آيو. ان جو ذميوار اسٽيبلشمينٽ هئي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جيڪو عتاب آيو. ان جو ذميوار ڪير آهي. هن سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن سوال عدالتن ۽ جيڪو جيل ۾ قيد آهي. ان کان پڇڻ گهرجي. ان جو جواب قانوني ادارن ۽ عدالتن کان ملندو. هي ڪيس نگران حڪومت ناهن بڻايا. افغانين جي حوالي سان هن چيو ته افغانين تي موقف ڪافي رياست ۽  حڪومت پاڪستان جو   موقف آهي ۽  منهنجو موقف اڄ جو بيان ئي آهي. 2016ع جو بيان ناهي ۽  هاڻي رياستي  منهنجو ذاتي موقف آهي. افغان پناهگيرن جي حوالي سان پاليسي تي ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته جيڪي ماڻهو اسان کي انساني حقن جا ليڪچر ڏين ٿا. اهي  پنهنجي رڪارڊ ڏسن. حڪومت جي پاليسي آهي. جيڪي ماڻهو غير قانوني  رهن ٿا. اهي 31 آڪٽومبر تائين رضاڪاراڻي طور تي هن ملڪ مان نڪري وڃن. ٻي صورت ۾ جبري طور تي هن ملڪ مان ڪڍيو ويندو. اسان ان تي ڪيترائي ڀيرا عمل ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته  جيڪڏهن 17 لک غير قانوني نڪري وڃن ته قانوني طور تي رهندڙن جو انگ وڌيڪ آهي. اسان جو مقصد پنهنجي رياست ۽ پنهنجي شهرن جو دفاع ڪرڻ آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button