بريڪنگ نيوزبين الاقوامي

اسرائيل پاران غزا تي ايٽم بم ڪيرائڻ جي ڌمڪي،پناهگير ڪئمپ تي حملو،50 فلسطيني شهيد،انگ 9 هزار کان وڌي ويو

غزا (م ڊ ) غزا ۾ اسرائيلي بربريت جو سلسلو 30 هين ڏينهن به جاري رهيو. جنهن دوران وڌيڪ سوين فلسطيني سهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي جارحيت سان وڌيڪ 270 فلسطيني شهيد ٿيا، جنهن کان پوءِ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين شهيدن جو انگ 9770 ٿي ويو آهي. بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شهيدن ۾ 4880 ٻار ۽ 2550 عورتون به شامل آهن. صحت وزارت طرفان ريڊ ڪراس ڪميٽي ۽ مصر کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته شديد زخمين کي غزا مان محفوظ طور ڪڍيو وڃي.صحت واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ريڊ ڪراس کان زخمين کي محفوظ طور ڪڍڻ لاءِ محفوظ فرستو ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته هڪ آپشن اهو اهي ته مصر طفان ايمبولينسون غزا موڪلي زخمين جي انخلا کي يقيني بڻايو وڃي. واضح رهي ته اسرائيل طرفان ايمبولينسن جي قافلي تي بمباري کان پوءِ زخمين کي غزا مان مصر منتقل ڪرڻ جو عمل بيهجي ويو آهي.جڏهن ته اسڪولن، مسجدن ۽ اسپتالن تي بمباري ۾ وڌيڪ درجنين فلسطيني شهيد ٿي ويا، ٻارن ۽ عورتن سميت سوين زخمي ٿي پيا،غزا ميڊيا آفيس مطابق 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ 9500 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ 3.900 ٻار ۽ 2.509 عورتون شامل آهن،ٻي طرف  اسرائيل وزير چيو آهي ته غزا جنگ کٽڻ لاءِ اسرائيلي فوج وٽ ڪيترائي آپشنز آهن جن ۾ آخري ۽ حتمي قدم ايٽم بم ڪيرائڻ آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button