بريڪنگ نيوزسنڌ

ٺري ميرواهه ۾ عورت جو مڙس جي ناجائزين خلاف احتجاج

ٺري ميرواھه(ن م)ٺري ميرواھه ڳوٺ محمد آچر ملاح ۾ زال کي مڙس پاران حق نه ملڻ ۽ تشدد ڪرڻ تي عورت سندس وارثن سميت مڙس جي ناجائزين خلاف احتجاج، ان موقعي تي مسمات ڪومل ماءُ فاطمه خاتون، پيءُ خان محمد، ڀاءُ سعيد احمد ملاح ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ممتاز علي ملاح، بخت علي،عطا حسين، اعجاز، پيراڻو ملاح ۽ منھنجو مڙس شهمير ملاح مون مٿان روزانه تشدد ڪندا رهن ٿا منهنجي شادي کي تقريبن 3 سال گذري چڪا آهن پر مڙس پاران ڪوبه حق ناهي مليو،حق گهرڻ تي زبردستي ماري ڪٽي چپ ڪرايو وڃي ٿو، مونکي طلاق ڏني وڃي جيئن آئون پنهنجي زندگي سڪون سان گذاري سگهان، منهنجي مٿان تشدد ڪري رهيا هئا جنهن تي  منهنجو پيءُ ۽ ڀاءُ مونکي ڇڏائڻ لاءِ آيا ته سندس مٿان ڏنڊن سان مار ڪٽ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي ۽ مونکي مڙس شهمير وارن مان وٺي گهليندو رهيو ۽ تشدد ڪري ڪپڙا ڦاڙي منهنجي تذليل ڪئي آهي اهڙي رپورٽ اسان ميرواهه ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ لاءِ ويا آهيون ته ميرواهه پوليس اسان جي هڪ به نه ٻڌي بااثر جي چوڻ تي ميرواهه پوليس ڌر بڻيل آهي اسان آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گهر ٿا ڪريون ته جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري لاڪ اپ حوالي ڪيو وڃي اسان سان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button