بريڪنگ نيوزقومي

سمورين سياسي قوتن جي مفاد ۾ آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿين، ان ۾ ملڪ جي ڀلائي آهي: مرتضيٰ سولنگي

لاهور  (اين اين آءِ) سڌ  سماءِ جي نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته مڙني سياسي قوتن جي مفاد ۾ آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿين ان ۾ ئي ملڪ جي ڀلائي آهي.  ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت هر هڪ کي آهي. اصل ۾ ليول پليئنگ فيلڊ پاڪستان جي ورڪنگ  ڪلاس وٽ ناهي، سياسي عدم استحڪام ۽ ملڪ جي معاشي بقا اسان جا اصل چئلينجز آهن. اسان کي معاشي صورتحال ۾ بهترين جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن الهمره  ۾ ڪوٺايل افڪار تازه جي 7 ايڊيشن، ٿنڪ فيسٽ 2024ع جي پروگرام ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻو سينيٽر افرا سياب خٽڪ ۽ سينيئر صحافي حامد مير به موجود هئا. هن سوال جي جواب ۾  وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا  چونڊيل نمائيندا هلائيندا. هي ملڪ  آئين جي موجودگي ۾  ئي هلي سگهي ٿو. هن چيو ته سمورن سياسي  قوتن ۽ لاڳاپيل ڌرين جي مفاد ۾ آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿين ان ۾ ئي ملڪ جي ڀلائي آهي. هن چيوته چونڊون خميس 8  فيبروري 2024ع تي ٿينديون. ليول پليئنگ فيلڊ بابت سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته  ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت هر ڪو ڪري رهيو آهي. پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي به ليول پليئنگ فيلڊ جون به شڪايتون آهن.  جڏهن ته مولانا فضل الرحمان  جو به چوڻ آهي ته  خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ليول پليئنگ فيلڊ ناهي، هن چيو ته اصل ۾ ليول پليئنگ فيلڊ پاڪستان جي ورڪنگ ڪلاس وٽ ناهي، جيستائين بنيادي تبديلي نه اچي ۽ عام ماڻهو اليڪشن ۾ ووٽ نٿو   گهري  سگهي، ليول فيلڊ نه ٿي اچي سگهي، گذريل ڏينهن  عدليا جي فيصلي  جي حوالي سان  سوال جي جواب ۾   هن چيو ته هي هڪ سٺو مثال آهي. هر سياسي پارٽي کي پنهنجن ميمبرن کي ووٽ جو حق ڏيڻ گهرجي. بهتر ٿي ها ان حوالي سان پينل ۾ قانوني ماهر موجود هجن ها ۽ اهي قانوني موقف بيان ڪن ها. مرتضيٰ  سولنگي چيوته سياسي عدم استحڪام ۽ ملڪ جي معاشي بقا اسان جا اصل چئيلنجز آهن. ايندڙ حڪومت کي معاشي چئينلجز آڏو اچي سگهن ٿا. هن  چيو ته اسان کي معاشي صورتحال ۾ تبديلي جي ضرورت آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button