بريڪنگ نيوزسنڌ

گهوٽڪي ويجهو بااثرن جو گهر تي مبينا حملو،تشدد،متاثرين جو احتجاج

گهوٽڪي(شيخ ۽ بهڻ وٽان)گهوٽڪي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جي ٻاهران گيٽ تي ڳوٺ محمد علي مهر لڳ سرحد جي رهواسي عورتن مائي شاهل، مائي حاڪم، مائي بختيار، مائي پياري شيخ پاران پاڪ ڪتاب ۽ معصوم ٻار مئل کڻي احتجاج ڪيو، هنن جو چوڻ ھو ته اسان جي گهر تي سومر جي ڏينهن شام جو  جوابدار بدلو شيخ، اختيار شيخ، ضمير  شيخ، شھزادو شيخ، شاهنواز شيخ ۽ ٻين حملو ڪري گهر ۾ ويٺل عورتن ۽ مردن تي سخت تشدد ڪيو ۽ مائي بختيار زال علي نواز شيخ کي کڻي ڪمري ۾ بند ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، کيس پسٽل ڏيکاري   سران لتون مڪون ۽ لٺيون هڻي سندس 6 /7 مهينن جو حمل ضايع ڪري ڇڏيو آهي، عورت کي بيهوشي جا دورا، مائي بختيار زال علي نواز شيخ جڏهن هوش ۾ آئي ته سندس ٻار به  ضايع ٿي چڪو هو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button