بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪنڌ ڪوٽ ڌرڻي تي پوليس جي ڌاڙيلن جيان ڪاهه،تشدد،10 کان وڌيڪ مظاهرين زخمي

حيدرآباد(نمائندن وٽان)ڪنڌڪوٽ نينگري پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي ۽ سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر جي خاتمي لاءِ ڪنڌڪوٽ سميت سموري سنڌ ۾ ڌرڻا جاري، پريا ڪماري، ساگر ڪمار ۽ ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪنڌڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻي تي پوليس چڙهائي ڪئي، لٺبازي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالغني بجاراڻي جي پٽ اويس بجاراڻي، جيوڻ سبزوئي ۽ گل خان جکراڻي سميت ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿي پيا آهن ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن پاران به جوابي لٺبازي شروع ڪرڻ بعد پوليس اهلڪارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته وڊيو ۾ اهلڪارن هٿن ۾ خنجر کنيل نظر اچي رهيا آهن،مظاهرين ٻيهر شاميانا لڳائي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، سنڌ بار ڪائونسل جي اڳواڻ عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين چيو آهي ته سمورا مغوي بازياب ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو، وڪيل اڳواڻ عبدالغني بجاراڻي چيو ته توهان جي ٽيم جا ماڻهو ڌاڙيلن سان سڌو رابطي ۾ آهن، جڏهن دل چوين ٿي هڪ اڌ مغوي ڪڍي ڏين ٿا، 2 وڏيرا پڪڙيو ته سمورا مغوي بازياب ٿي ويندا.ٻي طرف ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته هن ڌرڻي ۾ منهنجا مخالف ويٺل آهن،ڌرڻي ۾ ڏوهاري به شامل آهن،هوڏانهن سنڌ ۾ بدامني ۽ مظاهرين تي حملي خلاف مختلف شهرن  حيدرآباد،  سيٺارجا، نوابشاهه، ٺٽو، رڪن ٻرڙا، ڀٽ شاهه، ٽنڊوآدم، درياخان مري، گهوٽڪي، ڪنڊيارو، سوڀوديرو، جروار، پنوعاقل، ماتلي، جهڏو، اوٻاوڙو، ميرپورماٿيلو، دادو، راڻيپور، قاضي احمد،ٺل ۽ ٻين شهرن ۾  احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button