بريڪنگ نيوزقومي

جيستائين دهشتگردي جي پاڙ نه ٿي پٽجي، دهشتگردن خلاف جنگ جاري رهندي: انوار الحق ڪاڪڙ

اسلام آباد (بيورو) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڊيرا اسماعيل خان ۾ درازنده، درابن ۽ ڪلاچي جي علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي سندن ڪامياب ڪاررواين تي خراب تحسين پيش ڪندي چيو  آهي ته جيستائين ملڪ مان دهشتگردي جي پاڙ نه ٿي پٽجي تيستائين  اسان جي دهشتگردن خلاف جنگ جاري رهندي، وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق وزيراعظم دهشتگرد ٽوڙ جي ڪارراين ۾ 27 دهشتگردن کي جهنم جو رستو ڏيکارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڪارڪردگي تي سارهايو. وزيراعظم شهيد ٿيندڙ اهلڪارن لاءِ بلند درجن جي دعا ڪئي. وزيراعظم ڊيرااسماعيل خان ۾ دهشتگردي ٽوڙ جي تازيون ڪارروايون دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ اسان جو پختي عزم جو ثبوت آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button